مسلم ليگ ن من پسند فيصلي لاءِ بليڪ ميل ڪيو، چيو ويو ته استعيفيٰ ڏئي چوان ته فيصلو دٻاءُ ۾ ڪيو ويو : جج ارشد ملڪ

اسلام آباد (اين اين آءِ) احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسين نواز العزيزيه ريفرنس جي فيصلي کانپوءِ کيس 50 ڪروڙ رپيا رشوت ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي ۽ استعيفيٰ جي گهر ڪئي هئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل حلفي بيان ۾ جج ارشد ملڪ دعويٰ ڪئي ته کيس چيو ويو ته نواز شريف وڌ کان وڌ رقم ڏيڻ لاءِ تيار آهي، چيو ويو ته ڪنهن به ملڪ ۾ رقم ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ناصر جنجوعا ۽ مهر جيلاني چيو ته کيس ن ليگ جي بااثر شخصيتن جي سفارشن تي جج لڳايو، حلفي بيان ۾ ڏنل بيان ۾ آڇ تي ارشد ملڪ چيو ته هو 6 ويسن جي گهر ۾ رهي ٿو، آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڏيندو، بيان ۾ چيو ويو ته ٻڌڻي دوران ٻنهي شخصيتن رابطو ڪيو ۽ ناصر جنجوعا 20 ملين يورو رشوت جي آڇ ڪئي، جنهن تي هن چيو ته هو پنهنجي حلف سان غداري نه ڪندو، رشوت جي آڇ نه مڃڻ تي ناصر بٽ ڌمڪي ڏني، ناصر بٽ چيو ته نواز شريف جا مون تي وڏا احسان آهن، نواز شريف قتل جي 5 ڪيسن مان بچايو، نواز شريف لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ارشد ملڪ چيو ته ناصر بٽ ان جي ملتان جي وڊيو ڏيکاري بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وڊيو ڏيکاري چيو ويو ته نواز شريف جي دلجاءِ لاءِ بيان رڪارڊ ڪرايو، جنهن تي بيان رڪارڊ ڪرڻ کان انڪار ڪيو، کيس هر هر هي جملو ورجائڻ تي مجبور ڪيو ته فيصلو دٻاءَ تي ڏنو، هن اهو جملو ورجائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جج جي حلفي بيان موجب ناصر جنجوعا ان جي مرضي کانسواءِ ان جي آڊيو رڪارڊ ڪري نواز شريف کي ٻڌائي، ناصر بٽ چيو ته نواز شريف هن آڊيو مان مطمئن نه آهي، ناصر بٽ چيو ته توهان کي نواز شريف سان ملڻُو پوندو، 6 اپريل 2019 تي جاتي امره ۾ نواز شريف سان ملاقات ٿي، ناصر بٽ نواز شريف جي موجودگي ۾ چيو ته فيصلو دٻاءَ ۾ ڏنو، ارشد ملڪ موجب ان نواز شريف جي منهن تي چيو ته مان ميرٽ تي فيصلو ڏنو، نواز شريف کي سندس ڳالهه  نه وڻي، ان جي بيان کانپوءِ نواز شريف سان ملاقات ختم ٿي وئي، ناصر بٽ چيو ته فيصلو ٻڌائي چڪا، هاڻ نواز شريف لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو، ناصر بٽ بليڪ ميل ڪري آڊيو رڪارڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ناصر بٽ چيو ته نواز شريف جي سامهون منهنجي مرضي جو بيان ناهي ڏنو، هڪ ٻيو ڪم ڪريو، نواز شريف جي اپيل جو جائزو وٺو ۽ تجويز ڏيو، حلفي بيان ۾ هن چيو ته ناصر بٽ اپيل جو مسودو کڻي ان جي گهر آيو، نه چاهيندي نواز شريف جي اپيل جو مسودو پڙهيو، نواز شريف جي پريس ڪانفرنس مان خبر پئي ته اپيل پڙهڻ وقت وڊيو رڪارڊ ڪئي وئي، جج ارشد ملڪ حلفي بيان ۾ ٻڌايو ته هو مئي 2019 تي خاندان سان گڏ عمري ويو، پهرين جون تي ناصر بٽ سان مسجد نبي جي ٻاهران ملاقات ٿي، ناصر بٽ وڊيو جو حوالو ڏئي بليڪ ميل ڪيو، حلفي بيان موجب ارشد ملڪ کي حسين نواز سان ملاقات ڪرڻ تي ضد ڪيو ويو جنهن تي هن لنوائڻ جو مظاهرو ڪيو، حسين نواز 50 ڪروڙ رپيا رشوت جي آڇ ڪئي، سڄي خاندان کي يو ڪي، ڪينڊا يا مرضي ۽ خواهش موجب ڪنهن به ملڪ ۾ سيٽل ڪرائڻ جو چيو ويو، اولاد لاءِ نوڪري ۽ کين نفعو ڏيندڙ ڪاروبار ڪرائڻ جي آڇ ڪئي وئي، جج ارشد ملڪ چيو ته هن رشوت وٺڻ کان انڪار ڪيو ته کيس ڌمڪي طور تڪراري وڊيو ڏيکاري وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *