ماضي جي ڪرپشن ڪاروباري طبقن لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي ڪرپشن ڪاروباري طبقن لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن، سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي ۽ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ توانائي واري وزير عمر ايوب، ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، واپار بابت صلاحڪار رزاق دائود، بورڊ آف انويسٽمينٽ چيئرمين زبير گيلاني، ڊاڪٽر سلمان شاهه، ڊاڪٽر شمشاد اختر، احمر بلال صوفي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪاروبار جي رستي ۾ رنڊڪون ختم ڪرڻ تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ڪرڻ ۽ صنعت سان لاڳاپيل ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي توڙي صوبائي سطح تي بورڊ آف انويسٽمينٽ جي قدمن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي به ڳالهايو ويو، جڏهن ته 2024-2020 لاءِ نئين اسٽريٽجي جو پهريون تجويز ڪيل مسودو به وزيراعظم کي پيش ڪيو ويو، بورڊ ميمبرن جي تجويزن موجب مسودي کي حتمي شڪل ڏني ويندي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏني وئي ته اسپيشل اقتصادي رونز قانونن کي ڪاروبار دوست بڻائڻ جو جائزو ورتو پيو وڃي، ڪاروبار جي حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي قانونن کي هم آهنگ ۽ هڪ جهڙو ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم سيڙپڪاري بورڊ چيئرمين کي وفاقي ۽ صوبائي قانون هڪ جهڙا ڪرڻ ۽ قانونن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ عمل هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عمران خان چيو ته لاڳاپيل قانونن کي صوبن سان سهڪار سان وڌيڪ آسان بڻايو ويندو، سيڙپڪاري بورڊ جي سفارشن جي روشني ۾ غير ضروري شرطن کي ختم ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *