ويرات ڪوهلي آءِ پي ايل جي تاريخ جو سڀ کان مهانگو رانديگر بڻجي ويو

ممبئي(اسپورٽس نيوز) انڊين اسٽار بيٽسمين ويرات ڪوهلي انڊين پريميئر ليگ جي تاريخ جو سڀ کان مهانگو رانديگر بڻجي ويو آهي. آءِ پي ايل يعني انڊين پريميئر ليگ جي 11 هين ايڊيشن ۾ ويرات ڪوهلي 27 لک ڊالر سان آءِ پي ايل جو هينئر تائين جو سڀ کان مهانگو رانديگر بڻجي ويو آهي، ويرات ڪوهلي کي ان جي گذريل سال جي ٽيم رائل چيلينجرز بينگلور ئي ٻيهر خريد ڪيو آهي.ٻين پرڏيهي رانديگرن ۾ آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو سمٿ ۽ اوپنر بيٽسمين ڊيوڊ وارنر به مهانگن رانديگرن جي فهرست ۾ شامل آهي، انهن ٻنهي بيٽسمين کي انهن جي گذريل سال جي ٽيمن ئي 19، 19 لک ڊالرن جي عيوض اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي، اسٽيو سمٿ ميچ فڪسنگ سبب 2 سالن جي پابندي کانپوءِ آءِ پي ايل ۾ واپسي ڪندڙ راجسٿان رائلز ۽ ڊيوڊ وارنر سن رائزرز حيدرآباد طرفان کيڏي رهيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *