جرمن رانديگرياڻي جوليا جارجز آڪلينڊ ٽينس ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي

آڪلينڊ(اسپورٽس نيوز) جرمني جي ٽينس رانديگرياڻي جوليا جارجز آڪلينڊ ڪلاسڪ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ ڊينمارڪ جي ڪيرولين ووزنياڪي کي شڪست ڏئي وومينز ٽائيٽل کٽي ورتو آهي. وومين سنگلز جي فائنل ۾ ڪيرولين کي دلچسپ مقابلي ۾ 4-6 ۽ 6-7 تان شڪست آئي. ٻئي طرف ساڳئي ٽورنامينٽ جي وومينز ڊبلز ايونٽ ۾ اٽلي جي سيرا ايراني ۽ سندس جوڙيوال هالينڊ جي رانديگرياڻي بيبين اسڪوفس مخالف جاپاني جوڙي کي 5-7 ۽ 1-6 تان مات ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *