ووٽ وجھڻ ميمبرن جو آئيني جو حق قرار، اسيمبلي جي جنگ اسيمبلي ۾ وڙھي وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس عمر عطا بنيال سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي درخواست تي ٻڌڻي ۾ ريمارڪس ڏنا ته اهو سمورو قومي اسيمبلي جو اندروني مسئلو آهي بهتر ٿيندو ته اسيمبلي جي جنگ اسيمبلي جي اندر ئي وڙهي وڃي. عدالت اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ مداخلت جي قائل نه آهي. عدالت چاهي ٿي ته ڪنهن جو به حق متاثر نه ٿئي عدالت کي ڏسڻو آهي ته ڪنهن ايونٽ سبب ڪوئي ووٽ وجهڻ کان محروم نه رهجي وڃي ووٽ وجهڻ ميمبرن جو آئيني حق آهي عدالت اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ مداخلت جي قائل نه آهي سياسي پرٽيون پنهنجي سياسي طاقت پارليامينٽ ۾ ظاهر ڪن عدالت سياسي قيادت وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن جمهوريت هلندي رهي ڪوشش ڪئي وڃي ته ڊي چوڪ تي جلسو نه ٿئي گڏ ٿي ويئي اتفاق راءِپيدا ڪيو وڃي سومر تي وزيراعظم جي خلاف تحريڪ بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ جي ڏينهن سياسي پارٽين جي ممڪنه ويڙهه جي خلاف درخواست جي ٻڌني ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنيال جي اڳواڻي ۾ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي سلسلي ۾ سياسي پارٽين اهم اڳواڻ به عدالت پهتا جن ۾ مسلم ليگ (ن) جو شهبازشريف، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو مولانا فضل الرحمان بلوچستان نيشنل عوامي پارٽي جو اختر مينگل شامل هئا. ٻڌڻي دوران وڪيل منصور اعواڻ چيو ته عدالت گذريل حڪم ۾ چيو هو ته سنڌ هائوس تي حملي کان سواءِ ڪو واقعو نه ٿيو آهي قومي اسيمبلي اسپيڪر 25 مارچ تي اجلاس گهرائڻ لاءِ چيو آهي آئين جي قلم 95 جي تحت 14 ڏينهن ۾ اسيمبلي اجلاس گهرائڻ لازمي آهي چيف جسٽس چيو ته عدالت کي ڏسڻو آهي ته ڪنهن ايونٽ سبب ڪوبه ووٽ وجهڻ کان محروم نه ٿي وڃي ووٽ وجهڻ هر ميمبر جو آئيني حق آهي وڪيل چيو ته رولز مطابق 25 مارچ تي بي اعتمادي واري رٿ پيش ٿيندي بي اعتمادي واري رٿ تي فيصلو اچڻ تائين اجلاس اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي نه ٿي سگهندو رول 37 جي خلاف ورزي صرف بيضابطگي نه هوندي چيف جسٽس چيو ته اهو تمام اسيمبلي جو اندروني معاملو آهي بهتر ٿيندو ته اسيمبلي جي جنگ اسيمبلي جي اندر ئي وڙهي وڃي ٻڌڻي دوران پ پ جي فاروق ايڇ نائڪ اسيمبلي اجلاس طلب ڪرڻ جو نوٽيس عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته اسپيڪر آئين جي خلاف ورزي ڪري آئين شڪني ڪئي آهي اٽارني جنرل چيو ته جنهن تي آئين جو آرٽيڪل 6 لڳو آهي پهريان ان تي عمل ڪرايو وڃي. جسٽس منيب اختر چيو ته آرٽيڪل 17 سياسي پارٽيون بنائڻ جي حوالي سان آهي ان آرٽيڪل جي تحت حق سياسي پارٽين جا هوندا آهن هن چيو ته آرٽيڪل 95 جي تحت ووٽ جو حق سياسي پارٽي جو هوندو آهي جنهن تحت ميمبر جي انفرادي ووٽ جي حيثيت نه آهي نوازشريف ۽ بينطير ڀٽو ڪيس ۾ عدالت اهڙي آبزرويشن ڏئي چڪي آهي سياسي پارٽي ۾ شموليت کان پوءِ گڏيل حق تصور ڪيو ويندو آهي. نجي ٽي وي موجب چيف جسٽس چيو ته بار چاهي ٿي ته ميمبر جنهن کي چاهي ووٽ ڏي. بار جيڪڏهن وڌيڪ تفصيل ۾ويئي ته جسٽس منيب اختر جي آبزرويشن رڪاوٽ بڻبي، سوال اهو آهي ته ذاتي چوائس پارٽي موقف کان مختلف ٿي سگهي ٿي يا نه وڪيل ايس بي سي اي چيو ته سمورن اسيمبلي ميمبرن کي آزاداڻي طور تي ووٽ وجهڻ جو حق هجڻ گهرجي. جسٽس منيب اختر چيو ته آرٽيڪل 66 جي تحت ووٽ جو حق ڪيئن ملي ويو. اهو آرٽيڪل ته پارليماني ڪارروائي کي تحفظ ڏيندو آهي ارٽيڪل 63 اي جي تحت ميمبر جي ووٽ جو ڪيس عدالت اچي سگهي ٿو. جسٽس عمر عطا بنيال ريمارڪس ڏنا ته ووٽ جو حق ڪنهن ميمبر جو قطعي نه هوندو آهي توهان ته بار جا وڪيل آيو توهان جو ان عمل سان ڪهڙو تعلق آهي بار ايسوسيئيشن عوامي حقن جي ڳالهه ڪري. بار کي سنڌ هائوس تي ڳالهائيندي خوف ڇو ٿي رهيو آهي، چيف جسٽس چيو ته بار کي عدم اعتماد جي حوالي سان ڪهڙا خدشا آهن. بار جي وڪيل کي ٻڌي چڪا آهيون هاڻي آئي جي اسلام آباد کي ٻڌنداسين آئي جي صاحب ڇا قلم 144 لڳي ويو آهي. جنهن تي آئي جي اسلام آباد چيو ته اسلام آباد ۾ پهريان کان ئي قلم 144 نافذ آهي. ريڊ زون جي چئوطرف قلم 144 جو دائرو وڌايو ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته رپورٽ موجب 5 لڳي 42 منٽن تي 35 کان 40 مظاهرو ڪندڙ سنڌ هائوس پهتا آئي جي ٻڌايو ته مظاهرين جٿي جي صورت ۾ نه آيا هئا. ٻن اسيمبلي ميمبرن سميت 15 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سياسي پارٽيون پنهنجي سياسي طاقت پارليامينٽ ۾ ظاهر ڪن سياسي پارٽيون ٻڌائين ته هو ڇا ٿيون چاهين پوليس ڪنهن اسيمبلي ميمبر تي هٿ نٿي کڻي سگهي چيف جسٽس چيو ته اسيمبلي ميمبر قانون ٽوڙيندو ته پوليس به ايڪشن ۾ ايندي. عدالت سياسي قيادت وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن جمهوريت هلندي رهي. ان کان پوءِ 19 مارچ تي ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنيال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ حڪمران پارٽي پي ٽي آئي سميت مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي، جي يو آئي (ف) بي اين پي مينگل ۽ عوامي نيشنل پارٽي کي ان جي سيڪريٽري جنرلز جي ذريعي نوٽيس جاري ڪيا ويا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *