او آءِ سي ڪانفرنس جي آڙ ۾ اسپيڪر آئين ٽوڙيو: مخالف ڌر اڳواڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته او آءِ سي ڪانفرنس جي آڙ ۾ اسپيڪر آئين ٽوڙيو آهي، 14 ڏينهن ۾ اجلاس نه گهرائي آئين ٽوڙيو ويو. بي اعتمادي کان اڳ سياسي جلسا روڪڻ لاءِ سپريم ڪورٽ بار جي درخواست جي ٻڌڻي جي موقعي تي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان عدالت پهتا. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اسپيڪر طرفان ڄاڻي واڻي اجلاس نه گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، گڏيل اپوزيشن اسلامي ملڪن جي مهمانن جي آجيان ڪئي، پنهنجو لانگ مارچ او آءِ سي ڪانفرنس لاءِ ملتوي ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت بي اعتمادي کان ڀڄڻ لاءِ آئين ٽوڙڻ تي لهي پئي آهي، اسپيڪر آئين جي پهريون ڀيرو ڀڃڪڙي ڪئي، ڏيکاري ڇڏيائين ته هو آئين ٽوڙي سگهي ٿو. هن سنڌ هائوس تي حملي جي عدالتي نوٽيس کي ساراهيندي چيو اميد ته عدليا آئين، قانون ۽ جمهوريت جو ساٿ ڏيندي، ڪنهن سياسي جماعت جو نه. پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته جڏهن جهاز ڀري آندا ويا ته هي ان کي ضمير جو آواز چئي رهيا هئا، عدالت يقينن آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *