لاهور ٽيسٽ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

لاهور(اسپورٽس نيوز) لاهور ٽيسٽ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. آسٽريليا راند جي چوٿين ڏينهن پنهنجي ٻئي اننگز 227 رنسون 3 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي جنهن کان پوءِ پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 351 رنسن جو حدف مليو هو پر قومي ٽيم راند جي آخري ڏينهن 235 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. راند جي آخري ڏينهن پاڪستان بنا ڪنهن نقصان جي 73 رنسن کان پنهنجي اننگز جي شروعات ڪئي. پهرين سيشن ۾ ئي عبدالله شفيق 27 رنسن تي آئوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ نئون ايندڙ بيٽسمين اظهر علي به وڌيڪ دير پچ تي نه بيهي سگهيو. اظهر علي کي ليون 105 جي گڏيل اسڪور تي صرف 17 رنسن تي ئي پويلين اماڻي ڇڏيو جنهن کان پوءِ امام الحق 70 ۽ فواد عالم 11 رنسون ٺاهيون جڏهن ته محمد رضوان 0 تي آئوٽ ٿي ويو. ساجد خان ۽ بابر اعظم رنسن کي اڳيان وڌايو پر اها پارٽنر شپ به گهڻي دير نه هلي سگهي. بابر اعظم 55 رنسون جڏهن ته ساجد 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. ساجد خان کان پوءِ ايندڙ حسن علي 13 ۽ شاهين آفريدي هڪ رنس تي آئوٽ ٿي ويا. آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز نسيم شاهه جي وڪيٽ وٺي ٽيم کي فتح ڏياري، اهڙي طرح آسٽريليا ميچ 115 رنسن تان کٽي ورتو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *