وفاقي ڪابينا جو هنگامي اجلاس، رولز ۾ ترميم، آرمي چيف جي ملازمت ۾ توسيع متفقه طور منظور

اسلام آباد(م.ڊ) وفاقي ڪابينا ڊفينس ايڪٽ سروسز رولز ۾ ترميم ڪري آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ لاءِ نئين سمري منظور ڪري ورتي، ڊفينس ايڪٽ سروسز رولز ۾ ترميم ڪري لفظ ايڪسٽينشن جو اضافو ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ طرفان آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ بعد وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو، اجلاس دوران غور ويچار بعد معطل ڪيل نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو. اجلاس دوران ڊفينس ايڪٽ سروسز رولز جي آرٽيڪل 255 ۾ ترميم ڪري لفظ ايڪسٽينشن جي واڌ ڪئي وئي ۽ پوءِ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ لاءِ نئين سمري منظور ڪئي وئي. ذريعن موجب اها نئين سمري صدر ڏانهن اماڻي وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته حالتن جو اندازو لڳائي فيصلو ڪرڻ وزيراعظم جو صوابديدي اختيار آهي ۽ آرٽيڪل 243 تحت وزيراعظم جو صوابديدي اختيار آهي ته هو صدر کي تجويز پيش ڪري. صدر وزيراعظم جي تجويز تي آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪئي. وفاقي وزير چيو ته 1971ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ڀارت حملو ڪيو، ڀارت ڌمڪيون به ڏئي رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو لاڳو آهي ۽ ايل او سي تي اڃا به غير معمولي حالتون آهن. اهڙين حالتن ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ وزيراعظم جو صوابديدي اختيار آهي ۽ ان واڌ لاءِ مڪمل طريقيڪار اختيار ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *