وفاق سنڌ پوليس کي جيو فينسنگ جي سهولت معطل ڪري ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) وفاقي حڪومت موبائيل فون سنگنل جي ذريعي دهشتگردي ٽارگيٽ ڪلنگ ڀتي خوري ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي لاءِ سنڌ پوليس کي براهه راست فراهم ٿيندڙ جيو فيسنگ جي سهولت اوچتو معطل ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب سنڌ صوبي ۾ دهشتگردي ٽارگيٽ ڪلنگ سميت حساس نوعيت جي ڏوهن جي تفتيش روڪڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي جيو فيسنگ جي سهولت ڪنهن فرد يا ماڻهن جي موبائيل فون سنگنل جي ذريعي نشاندهي جي ٽيڪنالوجي آهي ذريعن مطابق سنڌ پوليس جي آڦيسرن جو چوڻ آهي ته جيو فينسنگ جي سهولت پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي پاران سنڌ پوليس کي براهه راست فراهم ٿي رهي هئي جڏهن ته 12 ڏينهن اڳ هي سهولت اوچتو معطل ڪئي ويئي جنهن سبب ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ دهشتگردي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ حساس نوعيت جي ڏوهن جي وارداتن جي تفتيش روڪڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي ۽ پوليس آفيسرن ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي هن چيو ته جيو فينسنگ جي سهولت سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ نهايت موثر ثابت ٿئي ٿي ۽ ان سهولت جي ذريعي سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن تائين سولت سان پهچي سگهجي ٿو هن چيو ته جيو فينسنگ جي سهولت ۽ ٻين صوبن ۾ پوليس کي براهه راست فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته سنڌ پوليس کي هي سهولت اوچتو معطل ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *