الطاف حسين عسڪري قيادت تي ڪائي تنقيد نه پر جنرل راحيل شريف جي واکاڻ ڪئي: رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي پاڪستان ۽ لنڊڻ ۾ موجود رابطا ڪميٽين پنهنجي گڏيل بيان۾ چيو ته گذريل ڏينهن الطاف حسين پنهنجي بيان ۾ عسڪري قيادت تي ڪائي تنقيد ناهي ڪئي پر پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف جي قدمن جي حمايت ۽ واکاڻ ڪئي آهي ايم ڪيو ايم جي پاڪستان ۽ لنڊن جي رابطا ڪميٽين پاران جاري/ڪيل گڏيل بيان ۾ الطاف حسين جي پاڪ فوج جي حوالي سان بيان جي وضحات ۾ چيو ويو ته الطاف حسين پاران فوج کي عوامي سلوٽ فوجين جو وقار وڌائڻ جو سبب ته ٿي سگهي ٿو نفرت ڦهلائڻ جو سبب ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي الطاف حسين پنهنجي بيشمار عوامي خطابن ۾ پاڪ فوج ۽ ان جي سربراهه جنرل راحيل شريف جي قدمن ۽ حمايت جي واکاڻ ڪئي رابطا ڪميٽِن پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڇي ضرب عضب سان گڏوگڏ ملڪي دولت لٽيندڙن قرض هڙپ ڪندڙن چورن ڦورن ۽ لٽيرن جي خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي مان جاري هڪ بيان ۾ چيو ويو ته الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ ڏوهارين جي گرفتاري تي تنقيد ناهي ڪئي پر چيو ته هو فرقيواريت جي حوالي سان جاچ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن الطاف حسين لنڊن مان ڪارڪنن کي خطاب ۾ پاڪ آرمي تي سخت تنقيد ڪئي هئي جنهن تي ڊي جي آءِ ايس پي آر سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *