برطانوي شهري جو پاڪ فوج تي حملو برداشت جوڳو ناهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته برطانوي شهري جو پاڪ فوج تي حملو برداشت جوڳو ناهي جڏهن ته الطاف حسين جي بيان تي وزيراعظم جي خاموشي افسوس جوڳي آهي. عمران خان چيو ته ايم ڪيو ايم جو سربراهه پنهنجي پيروڪارن کي هٿيار کڻڻ ۽ تشدد لاءِ اُڪسايو، پنهنجي ملڪ ۾ بدامني آهي ۽ وزيراعظم کي ٻين ملڪن جي سيڪيورٽي جو فڪر آهي. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورن گروپن کي غير مسلح ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو پر ايم ڪيو ايم جي عسڪري ونگز خلاف ڪارروائي ڇو نه پئي ٿئي. عمران خان جو چوڻ هو ته برطانوي شهري جو پاڪ فوج تي حملو برداشت جوڳو آهي، لندن کان رياست خلاف تقرير تي پيمرا قانون جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ايس ايس پي رائو انوار جي ايم ڪيو ايم بابت انڪشافن تي ايڪشن ڇو نه کنيو ويو. رائو انوار جي بيان کان لاتعلقي سنڌ حڪومت جي انتهائي بزدلي آهي، جڏهن ته پريس ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن ڊي ايس پي جي قتل تي حڪومتي خاموشي مجرماڻي غفلت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *