وفاقي سرڪار جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل ريفرنس تي وڪيل برادري جي حمايت کٽڻ لاءِ ساڍا 17 ڪروڙ بار ۾ ورهائي ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قانون واري وزير ڊاڪٽر فروغ نسيم سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف داخل ريفرنس تي وڪيل برادري جي حمايت کٽڻ لاءِ قومي ناڻي مان 17 ڪروڙ 50 لک رپيا بار ايسوسيئيشن ۾ ورهائي ڇڏيا.واضح رهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل (ايس جي سي) ۾ ٻڌڻي 2 جولاءِ  تي مقرر آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن (ايس سي بي اي) جي صدر امانت الله ٻڌڻي دوران سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *