شيخ رشيد رائل پام ڪلب ڪيس جو حق ۾ فيصلو اچڻ تي وزيراعظم ۽ ڪابينه ميمبرن کي مٺائي کارائڻ پهچي ويو

لاهور (اين اين آءِ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد سپريم ڪورٽ پاران رائل پام ڪنٽري ڪلب ڪيس ۾ حق ۾ فيصلو اچڻ تي وزيراعظم عمران خان ۽ ڪابينه جي ميمبرن کي مٺائي کارائڻ پهچي ويو سپريم ڪورٽ جي ٻن ميمبرن واري بئنچ پاران فيصلو ٻڌائڻ کان پوءِ شيخ رشيد احمد مٺائي جي دڪان تان مٺائي ورتي شيخ رشيد احمد وزيراعظم عمران خان کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي تفصيل کان آگاهه ڪيو وزيراعطم ۽ ڪابينه ميمبرن کي مٺائي کارائي شيخ رشيد احمد چيو ته هن فيصلي سان ريلوي جو خسارو ختم ٿيڻ ۾ مدد ملندي وزيراعظم ريلوي وزير کان پڇاڻو ڪيو ته هاڻي رائل پام ڪنٽري ڪلب کي ڪير هلائيندي شيخ رشيد ٻڌايو ته هاڻي انٽرنيشنل ٽينڊر ٿيندو ۽ عالمي سطح جي ڪمپني ان کي هلائيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *