ڌهاٻيجي ۽ ملير ۾ ٽينڪر مافيا خلاف وڏي ڪارروائي. 21 غير قانوني هائيڊرينٽس پٽ، 13 ڪنيڪشن ڪاٽا، ٻن ايڪسيئين سميت 6 ماڻهون گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  وزير اعليٰ سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار جي خاص هدايت تي ڌهاٻيجي ۽ ملير ۾ ٽينڪر مافيا جي خلاف وڏي ڪارروائي. 21 غير قانوني هائيڊرينٽس پٽ، 13 غير قانوني ڪنيڪشن جو خاتمون ڪيو ويو واٽر بورڊ جي ٻن ايڪسيئين سميت 6 ماڻهون گرفتار، تفيصل مطابق صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي هدايت تي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن شرقي جي سربراهي ۾ مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ ڏهاٻيجي ۽ ملير ۾ منظم پاڻي مافيا جي خلاف وڏي ڪارروائي عمل ۾ آندي. اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ جي مطابق غير قانوني ڪنيڪشن مان وڏي مقدار ۾ پاڻي ٽينڪرز جي ذريعي ڪراچي ۽ ڌهاٻيجي سپلائي ڪيو پئي ويو. ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن جو چوڻ هو ته غير قانوني ڪنيڪشن مان 46 ٺيڪيدارن جا ٽينڪر پاڻي چوري ۾ ملوث هئا. اينٽي ڪرپشن بابت صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب اينٽي ڪرپشن جي ٽيم جي ڪارروائي کي ساراهيندي کين شاباس ڏني آهي ۽ چيو آهي ته پاڻي چوري ۾ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *