وفاقي حڪومت گيس ٽيرف ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ کان پوءِ  ڏيڍ مهيني اندر وڌيڪ 39 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گيس ٽيرف ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ کان پوءِ  ڏيڍ مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ حڪومت گيس جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت ۾ لڳ ڀڳ سمورن صارفن جي لاءِ وڌيڪ 39 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي. پر ڪمرشل صارفن جي لاءِ اِها واڌ 9 سيڪڙو ٿيڻ جا امڪان آهن جڏهن ته گهرو صارفن جي لاءِ ان ۾ ڪا به ڦيرڦار ناهي ڪئي وئي. ميڊيا جي رپورٽن موجب اِهو فيصلو آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) توانائي واري وزارت ۽ پيٽروليم ڊويز جي تجويز تي ڪيو. ان فيصلي جي موجب هر صارف کيگيس استعمال ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي باوجود گهٽ ۾ گهٽ چارجز ادا ڪرڻا پوندا يعني جيڪڏهن هڪ اهڙي جاءِ جتي گيس جو ڪنيڪشن موجود هجي پر استعمال ٻڙي هجي ان کي به اِهي چارجز ادا ڪرڻا پوندا. اوگرا جي نوٽيفڪيشن موجب رهائشي صارفن جي لاءِ گھٽ ۾ گهٽ گيس چارجز بنا ڪنهن ڦيرڦار جي 173  رپيا في ملين برٽش ٿرمل يونٽ رهندو جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ چارجز جي مد ۾ ڪيل واڌ پهرين جولاءِ 2019 کان لاڳو هوندي. هوڏانهن ڪمرشل صارفن ۽ برف ڪارخانن جي لاءِ گھٽ ۾ گهٽ چارجز 9.1 سيڪڙو واڌ کان پوءِ 5 هزار 880 رپين کان وڌائي 6 هزار 415 رپيا ۽ عام صنعتن جي لاءِ 38.6 سيڪڙو واڌ کان پوءِ 26 هزار 302 رپين کان وڌائي 36 هزار 450 رپيا ٿي وئي. اهڙي ريت ڪمپريسڊ نيچرل گيس ۽ سيمنٽ جي لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ چارجز 38.6 سيڪڙو واڌ کان پوءِ 33 هزار 49 رپين کان 45 هزار 803 رپيا ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي واپڊا آءِ پي پيز ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ گيس جا گهٽ ۾ گهٽ چارجز 38.7 سيڪڙو واڌ کان پوءِ 21 هزار  210 رپين کان وڌائي 29 هزار 417 رپيا ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *