فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري خلاف ٽئڪس اوڳاڙي جو نوٽيس معطل، عدالت ايف بي آر کي ٽئڪس اوڳاڙڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري خلاف ٽئڪس اوڳاڙي جو نوٽيس معطل ڪندي ايف بي آر کي ٽئڪس اوڳاڙڻ کان روڪي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر کي ايف بي آر جي نوٽيس خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ايف بي آر جي نوٽيس کي عارضي طور معطل ڪندي فريال ٽالپر ۽ زرداري گروپ کان ٽئڪس اوڳاڙڻ کان روڪي ڇڏيو. ٻڌڻيءَ دوران ايف بي آر اختيارين عدالت کي آگاهه ڪيو ته فريال ٽالپر ۽ زرداري گروپ جي زمين ٽئڪس گوشوارن مان هڪجهڙائي نٿي رکي، کين ٽئڪس ادائگي جو نوٽيس موڪليو ويو آهي. نواب شاهه ۾ فريال ٽالپر ۽ زرداري گروپ جي نالي تي ڪيترائي ايڪڙ زمين آهي، ايف بي آر طرفان ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ کان زمين جو مڪمل رڪارڊ ۽ ٽئڪس جا تفصيل طلب ڪيا ويا هئا. فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته زمينن تي تڪرار عدالت ۾ هلندڙ آهي، تنهن ڪري ايف بي آر جو نوٽيس معطل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *