سپريم جوڊيشل ڪائونسل، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم جوڊيشل ڪائونسل، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي قومي اداري خلاف مڇرائڻ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي آئيني درخواست ۾ اهو سوال اٿاريو هو ته اٽارني جنرل ذريعي غيرقانوني طور تي جمع ڪرايل جواب الجواب ۾ قومي ادارن جي شق جو اضافو ڪيو ويو جيڪو اصل شوڪاز ۾ شامل نه هو. ميڊيا رپورٽ موجب سپريم جوڊيشل ڪائونسل صدر کي لکيل خط جي حوالي سان شوڪاز نوٽيس ۾ جسٽس فائز تي ادارن جي توهين ڪرڻ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو  آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *