وفاقي حڪومت جو ايف بي آر کان واپارين جي گرفتاري جو اختيار واپس وٺڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) واپار بابر وزير اعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کان واپارين جي گرفتاري جو اختيار واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.  لاهور چيمبر جي دوري جي موقعي تي رزاق دائود جو چوڻ هو ته پاڪستان کي مينوفيڪچرنگ حب بڻائڻ تي ڌيان آهي، وچ ايشيائي رياستن سان واپار گهٽ آهي، ازبڪستان سان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ ڪرڻ پيا وڃون. هن چيو ته افغانستان سان به واپار ۽ امن تي ڳالهيون جاري آهن جڏهن ته ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان جلد ٻاهر نڪري اينداسين. واپار واري صلاحڪار جو چوڻ هو ته ايف بي آر کان واپارين جي گرفتاري جو اختيار واپس وٺي رهيا آهيون، واپارين جي ٻين خدشن تي ناڻي واري وزير سان ڳالهائينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *