ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 37 ماڻهو فوت، 2 ھزار 145 نوان ڪيس ظاھر

اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ)ملڪ ۾ ڪورونا وگهي گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 37 ماڻهو فوت ٿي ويا، وبا وگهي فوتين جو مجموعي تعداد 22 هزار 848 ٿي ويو آهي، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 40 هزار 805 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2 هزار 145 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران وبا جي پکيڙ جي شرح 5 ڏهائي 25 سيڪڙو رهي، اين سي او سي موجب مجموعي ڪيسز 9 لک 93 هزار 872 تائين پهچي ويو، هن کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 1029 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جنهن بعد صحتياب ٿيلن جو انگ 9 لک 21 هزار 95 ٿي ويو ۽ فعال ڪيسز جو انگ 49929 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر سنڌ حڪومت پاران ڪرونا وائرس کي روڪڻ لاءِ کنيل اضافي قدمن تي اطمينان جوا ظهار ڪندي چيو ته گلگت بلتستان ۾ 500 آڪسيجن سلينڊر ۽ 30 وينٽيلرز جي واڌ ڪئي وئي آهي سڄي ملڪ ۾ رڳو عيدالضحي جي ڏينهن ويڪسين سينٽر بند رهندا وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ عيدالضحي بابت ايس او پيز تي عملدرآمد، ڪراچي ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪرونا وائرس جي وبا جي پکيڙ جو جائزو ورتو ويو اين سي او سي سنڌ حڪومت طرفان ڪرونا جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي کنيل اضافي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو پڌرائي موجب فورم کي ويڪسينيشن جي صلاحيت وڌائڻ تي بريفنگ ڏني وئي هن وقت ملڪ ۾ روزانو ساڍا پنج لک ويڪسينز لڳائي پئي وڃي ملڪ ۾ رڳو عيدالضحيٰ جي ڏينهن وسين سينٽر بند رهندا ٻاهرين ملڪ ويندڙ ماڻهن ۽ شاگردن لاءِ موڊرنا ويڪسين جو ڳچ مقدار ويڪسينيشن سينٽر کي مهيا ڪيو ويو آهي عيد جي موقعي تي اين سي او سي پاران جاري ڪيل حڪمن ۽ عيد جي نماز ۽ قرباني جي حوالي سان مقصوص ايس او پيز تي عمل کي نهايت اهم قرار ڏنو ويو ان ڏس ۾ سمورن صوبن جي انتظاميه کي ايس او پيز تي عمل لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *