افغان سفير جي ڌيءَ اغوا ناهي ٿي، پاڪستان خلاف ھائبرڊ وار شروع ٿي چڪي آھي: شيخ رشيد

راولپنڊي (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ سان ڪنهن ٽيڪسي ۾ ڪوئي جهيڙو ناهي ٿيو پاڪستان حڪومت ڪيس کان پوئتي نه هٽندي افغان ڌيءَ جي درخواست ۽ اسان جي جاچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي ڪنهن ٽيڪسي ۾ ڪوئي ماڻهو نه ويٺو هي اغوا جو ڪيس نه آهي، افغان سفير جي ڌيءَ جي چرپر جا سمورا فوٽيج پرڏيهي آفيس کي ڏئي ڇڏيا آهن پرڏيهي آفيس چاهي ته فوٽيج کي سفيرن ۽ ميڊيا کي ڏئي سگهي ٿو سرحد تي فوج ۽ پٺيان سول ادارا مقرر آهن، داسو ڊيم واري معاملي جي جاچ مڪمل ڪري ورتي چيني اسان جي ڪم مان مطمئن آهن پاڪستان ۽ چين وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻجي ڪوشش ڪئي پئي وڃي عمران خان جي اڳواڻي ۾ ملڪ ترقي ڪندو بحران مان نڪرندو آزاد ڪشمير ۾ بيٽ جي حڪومت ٺهندي اڱاري تي هتي صحافين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته اسان اسلام آباد ۽ راولپنڊي جا 700 کان وڌيڪ ڪلاڪ فوٽيج ڏٺا 200 کان وڌيڪ ٽيڪسين جي جاچ پڙتال ڪرڻ کان پوءِ انهن چئن ٽيڪسين ۽ انهن جي مالڪن تائين پهتا آهيون جڏهن ته اسان کي افسوس آهي ته اسان جي وڏي ڪوشش جي باوجود هو پاڻ هتان هلي وئي آهي پر اسان ڪيس ڪيو آهي، ۽ رياست پاڪستان هي ڪيس وڙهندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان حڪومت هن ڪيس تان هٿ نه کڻندي جيتوڻيڪ ان جي دخواست ۽ اسان جي جاچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي ڪنهن ٽيڪسي ۾ ڪوئي ماڻهو نه ويٺو ۽ اسان جي جاچ مطابق هي اغوا جو ڪيس نه آهي هن چيو ته سفير جي ڌيءَ جي چرپر جا سمورا فوٽيج پرڏيهي آفيس کي ڏئي ڇڏيا اهن پرڏيهي آڦيس چاهي ته اهي فوٽيج سفيرن ۽ ميڊيا کي ڏئي سگهي ٿو هن چيو ته افغان سفير جي ڌيءَ فون ڏني پر سمورو ڊيٽا ڊليٽ ڪري ڏنو هن چيو ته ڊپلوميٽڪ انڪليو کي خاص سيڪيورٽي زون بڻائي رهيا اهيون هن چيو ته اسان افغان سفير جي ڌيءَ جي واقعي جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي اسان افغان سفير جي ڌيءَ جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جا منتظر آهيون هن چيو ته بارڊر مئنجمينٽ محفوظ آهي، 90 سيڪڙو ڪنڊيدار تار لڳي چڪي آهي سرحد تي فوج۽ پويان سول ادارا مقرر آهن افغانستان جو مسئلو افغانستان ڄاڻي اسان پنهنجي حفاظت ڪنداسين هن چيو ته ملڪ تي اڻ اعلانيل هائبرڊ جنگ شروع آهي، هائبرڊ جنگ ايندڙ ڏينهن ۾وڌيڪ تيز ٿيندي هن چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل اڀرندڙ عمران خان ڏسڻ پسند نٿا ڪن هن چيو ته داسو ڊيم واري معاملي جي مڪمل جاچ ڪري ورتي چيني اسان جي ڪم کان مطمئن آهن. هن چيو ته چاهيون ٿا ته افغان سفير پاڻ جاچ جو حصو بڻجي اسان افغان سفير جي ڌيءَ جي واقعي جي ايف آءِ آر پاڻ داخل ڪئي ڌيئون سڀني کي پياريون هونديون آهن گهرو وزير چيو ته مناسب ٿئي ها ته افغان سفير نه وڃي ها افغان سفير جي ڌيءَ جو معاملو پاڪستان ۾ افغان امن ڪانفرنس کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيو هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ غلطفهيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي داسو واقعو انهيءَ سازش جي ڪڙي اهي ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ غلط فهمي پيدا ٿئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *