وفاقي حڪومت (ايس ٿري) ۾ 50 سيڪڙو حصو ڏيڻ کان ڦري وئي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت گريٽ سيوريج پلان (ايس ٿري) جي مجموعي اخراجات جو پنهنجو 50 سيڪڙو حصو ڏيڻ کان پوئتي هٽي وئي آهي جيڪا سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي آهي. هن چيو آهي ته هو ڪراچي جي ماڻهن جي وسيع تر مفاد ۾ وفاقي حڪومت کان کيس مجوزه حصو وٺڻ لاءِ فائيٽ ڪندو. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس جي ڪميٽي نمبر 2 ۾ ايس ٿري پراجيڪٽ جي پڄاڻي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير  بلديات سعيد غني، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، چيئرپرسن پي اينڊ ڊي ناهيد شاهه، سيڪريٽري ناڻو نجم شاهه، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، ممبر سروسز پي اينڊ ڊي خالد محمود، قائم مقام ايم ڊي ڪراچي واٽر سيورج بورڊ غلام قادر، پي ڊي ايس ٿري حنيف بلوچ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير بلديات سعيد غني وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ايس ٿري منصوبي سان ڪراچي جي صفائي جي صورتحال ۽ ماحول بهتر ٿيندو ۽ هڪ ڪليڪشن، ٽريٽمنٽ ۽ سيوريج  جي نڪاي جو هڪ بهترين نظام دستياب آهي. هن چيو ته موجوده سيوريج ڊسپوزل سسٽم ٽريٽمنٽ جي سهولتن کانسواءِ سمنڊ ۾ وڃي ڪرندو آهي انهيءَ کي ٽريٽمنٽ پلانٽن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ نيٽورڪ جي ضرورت آهي.  چيئرپرسن پي اينڊ ڊي ناهيد شاهه چيو ته ان منصوبي لاءِ ايڪنڪ سيپٽمبر 2007 ۾ 7.98 بلين رپيا منظوري ڏئي چڪي آهي جنهن تحت وفاقي حڪومت جو منصوبي جي لاڳت جو 50 سيڪڙو حصو ڏيڻ هو ۽ باقي بچيل 50 سيڪڙو صوبائي حڪومت کي برداشت ڪرڻو هو. اسڪيم تي نظرثاني ڪئي وئي ۽ ايڪنڪ 7 فيبروري 2018 جو انهيءَ لاءِ 36.11 بلين رپين جي منظوري ڏني. منصوبي جا 2 حصا آهن هڪ لياري ريور بيسن جنهن جي لاڳت 121.31 بلين رپيا ۽ ملير ريور بيسن جنهن جي لاڳت 14.799 بلين رپيا آهي شامل ڪيا ويا. ايس ٿري منصوبي جو  جنهن تي نظرثاني ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ منصوبي جي لاڳت ۾ واڌ ٿيو. منصوبي ۾ لياري ۽ ملير ندي بيسن ۾ انڊر گرائونڊ آر سي سي ڪنڊيوٽ ذريعي سيوريج جي وهڪري جي ٽرانسميشن جو احاطو ڪيو ويو آهي ۽  انهيءَ جي ٽريٽمنٽ سيوريج ٽريٽمنٽ پلانٽن ذريعو سمنڊ ۾ ڪرڻ کان پهرين ڪرڻو آهي. ملير ۽ لياري ندين جو اضافو ۽ ٽريٽمنٽ پلانٽ جي تعمير، ملير ٽرنگ سيور ۽ هارون آباد سايئٽ ۾ 51 کان 100 ايم جي ڊي سيوريج ٽريٽمنٽ پلانٽ جي گنجائش ۾ واڌ ۽ اپگريڊيشن. ماڙيپور ۾ سيوريج ٽريٽمنٽ پلانٽ جو 54 کان 180 ايم جي ڊي گنجائش ۾ واڌ ۽ اپگريڊيشن ۽ ڪورنگي ۾ 180 ايم جي نعو سيوريج ٽريٽمنٽ پلانٽ جي تعمير، لياري ندي بيسن جي ڪمن جي موجوده اسٽيٽس بابت وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ٽي پي –III لاءِ 77 ايم جي ڊي جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. سيوريج ٽرانسميشن جا پنج مختلف پيڪيجن جنهن جي ڊيگهه 20.151 ڪلوميٽر آهي اها به گهڻي حد تائين مڪمل ٿي چڪا آهن. 13.169 ڪلوميٽر جي ايل ايس-I، ايل ايس-II، ۽ ايل ايس-III جو ڪانٽريڪٽ پيڪيج مارچ ۾ ڪيو ويو. ٽي پي-I جي ڪانٽريڪٽ پيڪيج ، بحالي جو مرحلو 55 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اسٽيج –II ڪشادگي وارو ڪم 12 سيڪڙو ٿي چڪو آهي.

ملير روڊ بيسن:

سيوريج ٽرانسميشن لاءِ ايم ايس-I کان ايم ايس-III ڪانٽريڪٽ پيڪيج جنهن جي مجموعي ڊيگهه 14.950 ڪلوميٽر آهي جنهن جي بڊ ايوليوشن رپورٽس سيپرا جي ويب سائيٽ تي شايع ڪئي وئي. سيوريج ٽرانسميشن جنهن جي ڊيگهه 10.091 ڪلوميٽر آهي جو ايم ايس –IV کان ايس ايس-VI جو ڪانٽريڪٽ پيڪيج پڻ مشتهر ڪيو ويو ۽ بڊ موصول ٿيا جنهن کي ايويليوشن رپورٽ لاءِ پروڪيورمنٽ ڪميٽي کي اماڻيو ويو.

وڏي وزير چيو ته لياري ندي بيسن جتي 77 ايم جي ڊي ٽريٽ ڪيو ويندو اتي انهيءَ کي وڌيڪ ٽريٽ ڪندي انهيءَ کي سائيٽ ۾ صنعتي مقصدن لاءِ فرام ڪيو وڃي. هن چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه کي پڻ هدايت ڪئي ته هو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ شپ يونٽ سان به ڳالهه ٻولهه ڪري ۽ خانگي ڀائيوارن کي ڄانايل ٽئين درجي جي وهڪري (ٽريٽري افيولينٽ) کي صنعتي مقصدن جي استعمال لاءِ دعوت ڏئي ته هو انهيءَ حوالي سان ڪوبه پلان ترتيب ڏين. مراد علي شاهه چيو آهي ته ايس ٿري پڄاڻي سان سامونڊي پاڻي صاف ٿي ويندو ۽ انهيءَ سان مجموعي طور صحت ۽ حفظان صحت جي صورتحال به بهتر ٿي ويندي جنهن سان مڇين جي برآمداد ۾ واڌ ٿيندي ۽ انهيءَ سان ميرين اڪالوجي جي تحفظ ۾ مدد ملندي. وڏي وزير اجلاس جي آخر ۾ پنهنجي انهيءَ عزم جو اعادو ڪيو ته هو ڪراچي جو ڪيس وفاقي حڪومت آڏو رکي وڙهندو تههو پنهنجي ڪمٽمنٽ کي پورو ڪندي 50 سيڪڙو فنڊ ڏئي.

ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسنيشن کاتي جي وهيڪ رجسٽريشن بڪ کي ڊجيٽل ڪرڻ:

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ هن ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسنشين کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو وهيڪل رجسٽريشن بڪس جي جاءِ ريڊايبل ڊجيٽل ڪارڊ متعارف ڪرائي. هن چيو ته گاڏين جي رجسٽريشن بڪ سڄي دنيا مان ختم ٿي چڪا آهن. اسان کي گهرجي ته اسان جديد ٽيڪنالجي کان فائدو کڻيون ۽ ريڊايبل ڪاردز بيڪن جي طرز تي متعارف ڪرايا وڃن ته جيئن انهن جي تفصيل به چيڪنگ دوران پڙهي سگهجي. اجلاس ۾ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن  وارو وزير مڪيش ڪمار چاولا، سيڪريٽري ايڪسائيز رحيم شيخ، سيڪريٽري ناڻو نجم شاهه، نارڪوٽڪس جي اي اينڊ ٽي دپارٽمنيٽ وارو ڊي جي شعيب صديقي، ڊي جي ايڪسائيز شبير شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن مڪيش ڪمار چاولا وڏي وزير کي ٻڌايو ته ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي کي 72872 ملين رپيا وصولي جو هدف ڏنو ويو هو جيڪو هو هن مهيني جي آخر تائين حاصل ڪري وٺندو. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي 7 ٽيڪس بشمول موٽروهيڪل ٽيڪس، ايڪسائز ان ايڪٽ منٽ، انفرااسٽڪرسيس ، ڪاٽن في، پروفيشنل ٽيڪس، پراپرٽي ٽيڪس ۽ انٽرٽينمنٽ ڊيوٽي وصول ڪرندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *