ڪنهن به شعبي ۾ ڪير به مقدس ڳئون ناهي ۽ حڪومت انصاف جي فراهمي جي حوالي سان قدم جاري رکندي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا اعليٰ عدليا جي ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ داخل ڪيل ريفرنسز تي اپوزيشن جماعتن جي تنقيد کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به شعبي ۾ ڪير به مقدس ڳئون ناهي ۽ حڪومت انصاف جي فراهمي جي حوالي سان قدم جاري رکندي. وزيراعظم جي اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ 12 نڪاتي تي غور ڪيو ويو. هن چيو ته ٻن معزز جج صاحبن جي حوالي سان جيڪي شڪايتون آيون، انهن جي تصديق ڪري سپريم جڊيشل ڪائونسل موڪليون ويون آهن، فيصلو سپريم جڊيشل ڪائونسل ڪندي ۽ اهو حڪومت جو ذيلي ادارو ناهي، عدليا جي شڪست کي عدليا ئي ڏسي رهي آهي ته اهو عدليا تي حملو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن جي جيڪا واويلا ۽ پروپئگنڊا هئي، ان جي سوچ جي ڪابينا مذمت ڪئي ۽ اسان جي قانوني ۽ آئيني معاملن تي ڪنهن قسم جي سياست نه ٿيڻ گهرجي، سپريم جڊيشل ڪائونسل جو جيڪو رستو اختيار ڪيو ويو اهو عمران خان نه پر آئين ۽ ڀُٽي جي آئين مان ڪڍيو آهي ۽ آئيني حدن کان ٻاهر ناهن ناهيون ويا، ڪابينا ان قدم جي حمايت ڪئي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم جي زيرو ٽالرنس سوچ موجب ڪنهن جاءِ ۽ ڪنهن اداري ۾ ڪير مقدس ڳئون ناهي، عمران خان ۽ موجوده حڪومت جو هڪ جهڙي احتساب جو تصور آهي، ان کي اڳتي کڻي هلڻو آهي. هن چيو ته مان پنهنجي ۽ وزيراعظم جي هدايتن موجب ميڊيا مان اميد ڪيان ٿي ۽ اپيل ٿي ڪيان ته جيستائين سپريم جڊيشل ڪائونسل ترجيحون طئي نٿي ڪري، تيستائين ميڊيا ۾ عدالت لڳائي گفتگو نه ڪيو ۽ جيستائين فيصلو نٿو ٿئي، ڪنهن به جج جي حوالي سان ڪا گفتگو نه ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اسان 70 ورهين جي نظام مان ملڪ کي آجو ڪرائڻ آيا آهيون، قوم جيڪا ذميواري اسان تي لاڳو ڪئي آهي، اها قانون ۽ آئين موجب نڀائينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *