سمورو ڌيان ميگا ڪرپشن تي آهي، احتساب جو عمل بنا خوف جاري رهندو: نيب چيئرمين

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته احتساب جو عمل بنا ڪنهن خوف جاري رکيو ويندو، اسان جو ڌيان ميگا ڪرپشن تي آهي. نيب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيب هڪ اڻ ڌريو ادارو آهي، احتساب جو عمل بنا ڪنهن خوف ۽ فرق جاري رکيو ويندو، پاڪستان ۾ ڪرپشن خلاف وڏن نالن تي ڪڏهن به مڪمل هٿ نه وڌو ويو آهي. هن چيو ته ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو آهي، هاڻي اسان جو ڌيان ميگا ڪرپشن تي آهي، جنهن جو اثر هيٺين درجي جي ڪرپشن کي به گهٽ ڪندو. سندس چوڻ هو ته هڪ تاثر آهي ته نيب سبب بزنس ڪميونٽي ۽ سيڙپڪارن کي خوف آهي، بزنس ڪميونٽي ۽ غير سرڪاري ماڻهو بنا ڪنهن خوف پنهنجو هاڪاري ڪم جاري رکن، نيب جو بنيادي ڪم سرڪاري عهديدارن ۽ پبلڪ فنڊ ۾ ڪرپشن خلاف آهي.  نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو ته نيب ڪنهن به نموني ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ناهي، اهڙن ماڻهن کي نيب مان ڪابه شڪايت نه هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *