وفاقي حڪومت افغانستان لاءِ خاص فنڊ قائم ڪري ڇڏيو، ڪڻڪ ۽ چانور موڪلڻ جو به فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان بي بي سي جي افغانستان بابت رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران کان خبردار ڪندو آيو آهيان ۽ هاڻ اها ئي ڳالهه ورلڊ فوڊ پروگرام جو سربراهه به ڪري رهيو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بي بي سي جي رپورٽ سان گڏ وزيراعظم عمران خان لکيو ته مان انساني بحران کان خبردار ٿو ڪيان، هاڻ ورلڊ فوڊ پروگرام جو سربراهه به الرٽ جاري ڪري رهيو آهي. هن لکيو ته پاڪستان افغانستان کي انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن رليف فراهم ڪندو رهندو پر عالمي برادري کي به هاڻ ايڪشن وٺڻ گهرجي. سندس موجب هاڻ عالمي برادري جي اخلاقي ذميواري آهي ته اها افغان عوام کي پيش ان انساني تباهي کي روڪي. واضح رهي ته ورلڊ فوڊ پروگرام جي سربراهه افغانستان ۾ انساني بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو هو ته 30 لک ماڻهن کي مدد فراهم ڪري رهيا آهيون پر غربت ۽ بُک جي شڪار ماڻهن جو افغانستان ۾ انگ هڪ ڪروڙ تائين وڃي پهچندو.  وفاقي ڪابينا ججهي مقدار ۾ ڪڻڪ ۽ چانور افغانستان موڪلڻ ۽ افغانستان جي سموري درآمدات تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته افغانستان ۾ 2 ڪروڙ 30 لک ماڻهو خوراڪ جو شڪار آهن ۽ هن وقت تائين 8 ٻار خوراڪ نه هئڻ سبب فوت ٿي چڪا اهن، اسان دنيا کي پنهنجي خدشن کان اڳ ئي اظهار ڪري ڇڏيو هو اسان سمورا امڪاني قدم کڻنداسين، جيڪي افغان رهواسين لاءِ مناسب هوندو، او آئي سي جيپرڏيهي وزيرن جو اجلاس اسلام آباد ۾ ايندڙ مهيني ٿيندو جتي مسلم ملڪن کي خوراڪ بابت افغانستان جي مسئلن جي حل لاءِ اپيل ڪئي ويندي جڏهن ته سڌماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو اهي ته عالمي منڊي گئس ۽ آر ايل اين جي جي قيمت وڌڻ سبب ۽ گئس جي غيرقانوني استعمال کي روڪڻ لاءِ وفاقي ڪابينا ڪيپٽو پاور پلانٽس لاءِ گئس جي قيمت 6.5 ڊالر مان وڌائي 9 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ڪري ڇڏي آهي، قيمتون 15 نومبر 2021 کان 31 مارچ 2022 تائين لاڳو ٿينديون ان اضافي جو گهرو صارفين سان ڪوئي تعلق نه آهي ميڊيا جو ڪردار تقريري رهيو آهي جيڪا به شئي اچي ٿي ميڊيا انکي ٽيڻ تي وڌيڪ ڏيکاري ٿو جنهن سان پنهنجو ۽ ملڪ جو نقصان ڪري رهيا آهيون سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پي ٽي ڊي سي جي ملڪيتن جي ليز ٿيندي، حڪومت سنڌڏ پي ٽي ڊي سي جي ملڪيتن کي کڻي ليز ڪرايو سنڌ ۾موجود ملڪيتون بعد ۾ دبئي مان ظاهر ٿين ٿيون اپوزيشن ايندڙ پنج سال به انتظار ڪري، تحريڪ طالبان پاڪستان ۾ سمورا پاڪستاني آهن هڪ موقعو ڏيڻ گهرجي اڱاري تي وفاقي ڪابينا دوران بريفنگ دوران هن چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس اسلام آباد ۾ ايندڙ مهيني ڪوٺايو ويندو فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن افغانستان کي خوراڪ جي بحران کان نه بچايو ويو ته صورتحال خراب ٿي ويندي ۽ ان بابت هر فورم ۽ هر سطح تي پنهنجي خدشن جو اظهار به ڪري چڪا آهيون هن چيو ته افغانستان لاءِ خاص فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي عوام عطيو جمع ڪرائي سگهي ٿي وفاقي وزير چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان جو دورو ڪندڙ افغانستان جي وفد سان انساني الميي بابت به ڳالهائينداسين هن چيو ته افغانستان جا اثاثا بند ٿيڻ جي ڪري اتي انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي ۽ کين ٻاهرين امداد به حاصل نه آهي تنهنڪري افغانستان جي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن وٽ نه ليڊر آهي نه ئي ڪوئي پروگرام آهي اپوزيشن پهريان پنهنجي پيرن تي بيهڻ سکي 90 جو ڏهاڪو نه آهي جو هر وقت سازشون ڪندا رهن وفاقي وزير چيو ته ايندڙ ڪجهه مهيني ۾مهانگائي رڪجي ويندي 2023 ۾ اليڪشن ڏانهن وينداسين تحريڪ طالبان پاڪستان بابت هن چيو ته ڪالعدم تنظيم سان ڳالهين جو عمل آئين موجب ٿيندي تنهنڪري سمورن مخالف گروپن کي پاڪستان جي آيئن جو احترام ڪرڻو پوندو هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان ۾ سڀ پاڪستاني آهن ۽ رياست انهن کي هڪ موقعو ڏيڻ چاهي ٿي جيڪڏهن اهي پاڪستان سان پنهنجي وفاداري ڏيکاريندا ته اسان کي هڪ موقعو ڏينداسين فواد چوڌري چيو ته هن وقت پاڪستان کي تحريڪ طالبان پاڪستان سان مضبوط پوزيشن سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. اسان کي يقين آهي ته افغانستان اسان کي مخالف گروپ سان ڳالهيون لاءِ چيو تحريڪ طالبان پاڪستان جا پاڪستان طرف سٺا خيال آهن افغانستان جي نئين قيادت پاڪستان ۾ امن جي خواهشمند آهي هن چيو ته مقامي ماڻهو ۽ جنگ جي متاثرن کي به انهن کي ڳالهين ۾ شامل ڪيو ويندو وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ پکن جي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان اسٽيڊنڊر اينڊ ڪوائلٽي جي لازمي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منطوري ڏني آهي هن چيو ته معيار تي تيار ٿيندر پکن جي تيار ٿيڻ سان فائدو ٿيندو ته بجلي جي کپت گهٽجيويندي ۽ اهڙي طرح مقامي سطح تي تيار ٿيل پکن کي عالمي منڊي ۾ به وڪرو ڪري سگهنداسين هنچ يو ته گهرو وزارت ۽ اطلاعات وزارت جي سهڪار سان 911 جي هيلپ لائين قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ٻيون سموريون هيلپ لائين 911 ۾ ضم ٿي وينديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *