اپوزيشن جو مهانگائي خلاف ڀرپور احتجاج ۽ نيب آرڊيننس کي هر صورت ۾ روڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته نيب آرڊيننس کي هر صورت ۾ روڪينداسين، ان خلاف پارليامينٽ ۾ به قدم کڻنداسين ۽ عدالت سان به رابطو ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اپوزيشن جماعتن جي اڳواڻن جي اعزاز ۾ سينيٽ جي بينڪوئٽ هال ۾ ڏنل ڊنر تقريب سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت 22 ڪروڙ عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، اسان مهانگائي ۽ نيب آرڊيننس خلاف سندرو ٻڌي ڇڏيو آهي، گڏيل اپوزيشن پارليامينٽ ۾ ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر ڀرپور احتجاج ڪندي، مهانگائي خلاف سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون، حڪومت خلاف هر فورم تي احتجاج ڪنداسين. هن چوڻ هو ته عمران نيازي اين آر او وٺڻ چاهي ٿو، آرڊيننس کي هر صورت ۾ روڪينداسين، پارليامينٽ ۾ به ۽ عدالت ذريعي به، اسان عوامي قوت سان ملڪ کي اڳتي وٺي وينداسين، حڪومت جي ڪوشش آهي ته گڏيل اجلاس ذريعي قانون سازي ڪري پر ان کي روڪينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اپوزيشن جماعتون مخالف ڌر اڳواڻ جي قيادت ۾ متحد آهن، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پ پ اپوزيشن سان فعال ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته تاريخي مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري سبب عوام تڪليفن ۾ آهي، پ پ هر فورم تي سدائين پي ٽي آءِ ايم ايف ڊيل جي نتيجي ۾ مهانگائي جي طوفان سميت معاشي بحران کي مسئلي کي اٿاريو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *