سيمي فائينل کان اڳ رضوان 2 ڏينهن آءِ سي يو ۾ داخل هو: قومي ٽيم جي ڊاڪٽر جو انڪشاف

ڪراچي (اسپورٽس نيوز)ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي لاڳيتين ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ پاڪستان جي ڀلوڙ بيٽسمين ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان کي سيمي فائينل کان 2 ڏينهن اڳ شديد چيسٽ انفڪيشن ٿيڻ ۽ کيس ٻن ڏينهن تائين آءِ سي يو ۾ رکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙو انڪشاف سيمي فائينل ۾ پاڪستان جي آسٽريليا هٿان هارائڻ بعد قومي ٽيم جي ڊاڪٽر نجيب سومرو ڪيو آهي گذريل ڏينهن ميچ هارائڻ بعد دبئي ۾ ڪپتان بابر اعظم سان گڏ ڪيل ورچوئل پريس ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر نجيب سومرو ٻڌايو ته 9 نومبر تي محمد رضوان کي شديد چيسٽ انفڪيشن ٿي پيو، جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪرڻو پيو. ڊاڪٽر نجيب موجب رضوان کي ٻه ڏينهن آءِ سي يو ۾ ترسڻو پيو ۽ قومي ٽيم جو  مورال متاثر ٿيڻ جي خدشي سبب اها خبر ڳجهي رکي وئي ڊاڪٽر نجيب چيو ته آءِ سي يو ۾ ترسڻ دوران محمد رضوان زبردست انداز ۾ رڪور ڪيو ۽ کيس ميچ کان اڳ فٽ قرار ڏنو ويو. ڊاڪٽر چيو ته محمد رضوان بيماري دوران جنهن همت ۽ حوصلي ۽ ميچ ۾ جنهن ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو اها اسان سڀني جي سامهون آهي….ايس اوٽي ڊاڪٽر نجيب سومروقومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر محمد رضوان جي آءِ سي يو ۾ داخل هئڻ واري هڪ تصوير ٽويٽر تي شيئر ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هي شخص پنهنجي ملڪ لاءِ کيڏيو ۽ پنهنجي بهترين راند پيش ڪئي. شعيب اختر محمد رضوان کي هيرو قرار ڏنو سيمي فائينل ۾ قومي ٽيم جي شڪست کانپوءِ پنهنجي جاري ڪيل پهرين ٽويٽ ۾ محمد رضوان قومي ٽيم جي رانديگرن جي فوٽو سيشن واري تصوير شيئر ڪئي آهي ۽ لکيو آهي “ديئي جلا ڪي رکنا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *