وزير اعظم ملڪ کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو پر مخالف ڌر ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي: فردوس عاشق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته وزير اعظم ملڪ کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو پر مخالف ڌر ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي. ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته مخالف ڌر کي جمهوري ۽ آئيني طريقي سان کڻي هلي رهيو آهي پر مخالف ڌر جي ارمانن مان هڪ ارمان وزير اعظم کي مائنس ڪرڻ آهي، وزير اعظم ملڪ کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو ۽ مخالف ڌر ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي، مخالف ڌر پنهنجا هٿيار ۽ اوزار ايندڙ چار سالن لاءِ پنهنجي کيسي ۾ رکن، مخالف ڌر پارليماني ڪردار ادا ڪندي ته حڪومت تي احسان ڪو نه ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *