حڪومت جو ڪم واپار جي رستي ۾ آيل رنڊڪن کي ختم ڪري آسانيون پيدا ڪرڻ آهي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ڪامياب نوجوان پروگرام ۾ عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت جو ڪم واپار جي رستي ۾ آيل رنڊڪن کي ختم ڪري آسانيون پيدا ڪرڻ آهي. اسلام آباد ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تحت چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب شروع ڪرڻ کان اڳ وزير اعظم چيو ته نوجوان چون ٿا ته ٻڌو آهي عمران خان ڪرپٽ ماڻهن سان هٿ ناهي ملائيندو. وزير اعظم عمران خان چيو ته ان پروگرام ۾ سڀ کان وڌيڪ خيال رکڻو آهي ته ان پروگرام ۾ شفافيت هجي ۽ چيڪ ميرٽ تي ورهائجن ڇو ته ماڻهن کي اميد آهي ته حڪومت انهن جي واپار ۾ سهڪار ڪندي. سندس چوڻ هو ته 15 يا 20 ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ 10 لک ماڻهن قرض جي لاءِ رابطو ڪيو ان ڪري ماڻهن کي اميد آهي ۽ مون کي خوشي آهي ته عورتن ان ۾ پوري طرح شرڪت ڪئي. وزير اعظم چيو ته هن وقت تائين هڪ لک 90 هزار عورتن پنهنجي واپار جي منصوبن جي خاطر قرض جي لاءِ درخواست ڏني. هن چيو ته ان پروگرام جي سڀ کان وڏي ڳالهه اِها آهي ته حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي واپار کي سهولت ڏئي رهيو آهي، حڪومت جو ڪم واپار جي رستي ۾ ايندڙ رنڊڪن کي ختم ڪرڻ آهي. ڪامياب نوجوان جي حوالي سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آئون جڏهن پهريون ڀيرو برطانيا ويس ته مانچسٽر جي سڄي ٽيڪسٽائل صنعت يهودين وٽ هئي پر هتان ماڻهو ويا جن مزدوري به ڪئي ۽ ننڍي واپار وارا به ويا ۽ منهنجي ڏسندي ڏسندي 10 سالن ۾ مانچسٽر ۾ ٽيڪسٽائل جو واپار پاڪستان جي هٿ ۾ اچي ويو. سندس چوڻ هو ته ڪپهه پاڻ پاڪستان جي پيدوار آهي ۽ ان جي باوجود ڪهڙا سبب آهن جو هو پاڪستان ۾ پنهنجو واپار شروع نٿي ڪري سگهي، حالانڪ اسان کي وڌيڪ آسان هئڻ گهرجي. عمران خان چيو ته ڪامياب معاشرن ۽ جيڪي پوئتي رهجي ويندا آهن انهن معاشرن ۾ فرق اِهو ئي آهي ته ڪامياب معاشرن ۾ ميرٽ هوندي آهي ۽ واپار شروع ڪرڻ جي لاءِ موقعا ۽ سهولتون ڏيندا آهن ۽ پوءِ جنهن نوجوان جي اندر جنون ۽ محنت ڪرڻ جو جذبو هوندو آهي اُهي ان معاشري ۾ مٿي هليو ويندو آهي. هن چيو ته هي ڪو معاشري ۾ ڪامياب ناهي ٿي سگهندو پر جنهن ۾ محنت ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي اُهي ڪامياب ٿيندا آهن ۽ ان کي ميرٽ چئبو آهي. سندس چوڻ هو ته هميشه اُهو ملڪ اڳتي وڌندو آهي جنهن جو ميرٽ جو نظام بهتر هوندو آهي جتي نظام ۽ ادارا اهڙا هوندا آهن جيڪي انملڪ جي يرٽ کي اڳتي کڻي ويندا آهن. وزير اعظم عمران خان چيو ته ميرٽ جو پهريون قدم اِهو آهي ته هڪ آن لائن جي نظام جنهن ۾ ڪا به سفارش ناهي هلندي جيڪا به ڪواليفاءِ ڪندو جنهن طرح اڄ ماڻهن کي قرض ڏنا ويا آهن اِها وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته ٻي ڪوشش اسان کي اِها ڪرڻي آهي ته واپار جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون ۽ سڀ کان وڌيڪ ننڍي ۽ وچولي درجي کي آسانيون پيدا ڪرڻيون آهن ڇو ته انهن کي وڌيڪ ضرورت پوندي آهي، وڏي واپار وٽ وسيلا هوندا آهن اُهي وري رنڊڪون ختم ڪري سگهن ٿا. پروگرام تي ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جو قرض ڏيڻ جو اِهو پروگرام نوجوانن جي لاءِ آهي پر ان کان ننڍي ۽ وچولي درجي جا واپاري به فائدو کڻندا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *