ملڪ رياض جي وارثن ۽ برطانوي حڪومت وچ ۾ نبيري مان مليل رقم سماجي بهبود لاءِ استعمال ڪئي ويندي: شهزاد اڪبر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر ملڪ رياض جي وارثن ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ نبيري مان مليل 19 ڪروڙ پائونڊ تي واضح ڪيو آهي ته ان رقم کي وفاقي حڪومت سماجي بهبود لاءِ استعمال ڪندي. سندس چوڻ هو ته نبيري واري معاهدي ۾ ون هائيڊ پارڪ جي وڪري ۽ ان مان حاصل ٿيل رقم اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ڏانهن منتقل ڪرڻ به شامل آهي، اِها رقم سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي نيشنل بينڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي. شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت سماجي بهبود ۽ غريبن تي خرچ ڪرڻ لاءِ ان رقم کي حاصل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني آهي. واضح رهي ته اڱاري تي برطانيا جي نشنل ڪرائم ايجنسي (اين سي اي) پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض جي وارثن سان هڪ سول نبيري تي راضي ٿي هئي. اين سي اي 19 ڪروڙ پائونڊ جي نبيري واري آڇ قبول ڪئي هئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ پائونڊ ماليت جي هڪ برطانيا جي ملڪيت (ون هائيڊ پار پليس لنڊن، ڊبليو 22 ايل ايچ) ۽ منجمد ڪيل 9 اڪائونٽن ۾ موجود سمورا فنڊ شامل هئا. ان حوالي سان هڪ باضابطا بيان ۾ ايجنسي طرفان چيو ويو هو ته فنڊ پاڪستان جي حوالي ڪيا ويندا. ان سموري معاملي کان پوءِ اِها سوال سامهون اچي رهيا هئا ته نبيري مان حاصل رقم ملڪ رياض جي ان ڏنڊ لاءِ استعمال ڪئي ويندي جيڪو سپريم ڪورٽ هن تي هنيو آهي. پر انهن سوالن جي اٿڻ تي وزير جي احتساب بابت خاص مددگار وضاحت ڏئي ڇڏي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته ان معاملي تي ڪيل معاهدي ۽ ان جي پيچيدگين تي ڪو به تبصرو نه ڪرڻ جي ڳالهه کي ورجائيندي لکيو ته حڪومت پاڪستان ان معاملي تي ان کان وڌيڪ اڳتي وڃڻ جھي لاءِ هڪ رازداري جي معاهدي تي صحيح ڪئي آهي. پر هن اِهو به چيو ته حڪومت ان وقت اهڙن وڌيڪ معاملن ۾ ٻين حڪومتن سان رابطي ۾ آهي ۽ لکين ڊالر ماليت جي وڌيڪ وصولي جو امڪان آهي. حڪومت سول ڪيسز ۾ معاهدن تي حوصلا افزائي ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *