وزير اعظم جي صدارت ۾ ن ليگ جو اجلاس، نواز شريف جي پاليسين کي اڳتي وڌائڻ جو عزم

اسلام آباد  (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي پارلياماني پارٽي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي قيادت ۽ پاليسين کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪندي اهو پڪو پهه ڪيو اهي ته نوازشريف جي پاليسين ۽ منصوبن تي عمل درآمد جي لاءِ ڀرپور انداز ۾ ڪوششون جاري رکيون وينديون. سومر تي پاڪستان مسلم ليگ نون جي پارلياماني پارٽِ اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم جي آفيس ٿيو، پارلياماني پارٽي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف قيادت ۽ پاليسن کي ڀرپور خراج تحسين  اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو، قراداد م چيو ويو ته ملڪ ۾ نون ليگ سڀ کان وڏي پارٽي آهي ان جي پاليسين پاڪستان کي اقتصادي، معاشي لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي مان ڪڍي  ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي آندو آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڀ کان وڏي سيڙپڪاري ممڪن بڻائي روشن پاڪستان جو بنياد رکيو آهي سي پيڪ جي ذريعي پاڪستان جي مستقبل روشن ٿيندو. پاڪستان مسلم ليگ نون ملڪ جي خوشحال مستقبل امن ۽ عوام جي حڪمراني جي سفر کي هر صورت ۾ جاري رکندي. اجلاس محسوس ڪري ٿو ڪجھه مايوس سياستدان جمهوري ميدان  ۾ شڪست سبب مايو س ٿي ملڪ ۾ قومي ادارن ۾ وڳوڙ ڪري پنهنجا ناپاڪ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين . اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان کي جن للڪار سان منهن ڏيڻون پوي ٿو انهن جو مطالبو صرف مضبوط جمهوريت قانون جي حڪمراني ۽ عوامي جي حَق حاڪميت جي احترام جي ذريعي ڪري سگهجي ٿو. ايندڙ عام چونڊن ۾ انشاءَ الله پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي ملڪ جي چئني صوبن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *