پاڻ کي ليڊر چوندڙ مصنوعي سياستدانن جي چهرن تان چمڪ لهي چڪي آهي: آصف زرداري

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي قوم کي هڪ ڀيرو ٻيهر نوجوان قيادت ڏني آهي ۽ عوام بلاول ڀٽو کي اميد جي ڪرڻ سمجهي ٿي. ميان صاحب اڄ تائين ڪشمير تي ڳالهه ناهي ڪئي، هن چيو ته جي ٽي روڊ تي ڏهه هزار پوليس اهلڪار موجود هئا، پيپلز پارٽي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جا ڪيترائي ماڻهو مون سان رابطي ۾ آهن، نواز شريف پوري پنجاب ۾ بزنس ڪرڻ چاهي ٿو، خيبر پختونخواهه ۾ سونامي ختم ٿي ويو آهي. بلاول هائوس لاهور ۾ آصف زرداري سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن نيلم جبار، بشير رياض، عبدالقادر شاهين، قيوم سومري، عزيز الرحمان چن ۽ ٻين ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي آصف زرداري چيو ته قوم جو هر طبقو بلاول ڀٽو جي قيادت تي اعتماد ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاڻ کي ليڊر چوندڙ مصنوعي سياستدانن جي چهرن تان چمڪ لهي چڪي آهي. هن چيو ته نواز شريف ملڪي معيشت تباهه ڪئي، هاري ۽ مزدور تباهه ٿي ويا، پنهنجا کيسا ڀرڻ جي لاءِ مسلم ليگ ن جي حڪومت ڊالر جي مصنوعي قلت پيدا ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جمهوريت کي مضبوط ۽ نواز شريف کي ڪمزور ڪيو، اسان ميثاق جمهوريت تي عمل ڪندا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *