خيبر فور آپريشن مڪمل، ڊان ليڪس رپورٽ حڪومت کي کولڻي آهي فوج کي نه: آصف غفور

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته خيبر فور آپريشن اڄ مڪمل ٿي ويو آهي، هن چيو ته راجگال ۽ وادي شوال ۾ زميني هدف حاصل ڪيا ويا، آپريشن تمام ڏکيو هيو، 2 سپاهي شهيد ۽ 6 زخمي ٿيا، ميجر جنرل آصف غفور چيو ته خيبر 4 آپريشن 15 جولاءِ کان شروع ڪيو ويو هيو، آپريشن خيبر فور ۾ 253 ڪلوميٽر علائقو ڪليئر ڪرايو، خيبر ويلي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، هن چيو ته 31 دهشتگرد زخمي، هڪ گرفتار، 4 پاڻ کي حوالي ڪيو، هن چيو ته آءِ اي ڊي بڻائڻ جي هڪ مواد تي ميڊ ان انڊيا جو ليبل آهي، آپريشن دوران 52 دهشتگرد مارجي ۽ 31 زخمي ٿيا، آپريشن ۾ تيار آءِ اي ڊيز به مليون آهن، راجگال ۽ شوال ۾ هڪ هڪ دهشتگرد اسان جي نشاني تي هيو، هن چيو ته آپريشن دوران سوين بارودي سرنگون ناڪاره بڻايون ويون، راجگال وادي ۾ 91 چيڪ پوسٽ بڻايون ويون آهن، ميجر جنرل آصف غفور چيو ته خيبر فور آپريشن لاءِ افغان سڪيورٽي فورسز کان به مدد ورتي وئي، هيل تائين 124 هزار آپريشن سڄي پاڪستان ۾ ڪري چڪا آهيون، 2017 ۾ ڪراچي ۾ دهشتگردي جو هڪ واقعو پيش آيو، پوليس مضبوط هوندي ته اسٽريٽ ڪرائيم ۾ وقت سان گڏ گهٽتائي ايندي، ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پنجاب ۾ انٽيليجنس اطلاعن تي 1728 آپريشن ڪيا ويا، خيبر فور آپريشن ۾ افغان فورسز سان مشاورت به ڪئي وئي، هن چيو ته آپريشن ردالفساد تحت سڄي ملڪ ۾ 3300 آپريشن ڪيا ويا، فاٽا جا ڪيترا ڪيڊٽس پاڪ فوج ۾ تربيت وٺي رهيا آهن، فاٽا ۾ نوجوانن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي، فاٽا ۾ 147 اسڪول، 17 هيلٿ يونٽس، 27 مسجدون قائم ڪيون ويون آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور موجب آپريشن شروع ٿيو ته فاٽا جا ڪيترائي ماڻهو آءِ ڊي پيز بڻجي ويا، راولپنڊي ۾ 2013 دوران مسجد تي حملي جو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو، راولپنڊي ۾ مسجد ۾ باهه لڳائيندڙن جو مقصد فرقيواريت کي هوا ڏيڻ هيو، هن چيو ته راولپنڊي مسجد تي حملو ڪندڙ انهيءَ ئي مسلڪ جا هيا، 95 سيڪڙو آءِ ڊي پيز پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي چڪا آهن، هن وقت پاڪستان ۾ ڪنهن دهشتگرد تنظيم جو ڪو انفرااسٽرڪچر ناهي، ڪنهن به آءِ ڊي پيز کي زبردستي واپس ناهي اماڻيو ويو، پاڪستان سڀني جو آهي، ڪيترن پرڏيهين پاڪستانين لاءِ ڪم ڪيو، پاڪستان جي سرحد کان ٻاهر اسان سڀ هڪ آهيون، هن چيو ته اڳوڻو جنرل پرويز مشرف سياسي بيان هڪ سياسي اڳواڻ جي حيثيت سان ڏيندو آهي، سياسي سرگرميون هلنديون رهنديون آهن، هلنديون رهڻ گهرجن، پاڪستان ۾ ڪنهن دهشتگرد تنظيم جو منظم نيٽ ورڪ موجود ناهي، فاٽا ۾ سڌارا تمام ضروري آهي، سياسي نظام ۾ ان جو طريقيڪار هوندو آهي، پاڪ فوج طرفان فاٽا ۾ سڌارن جون تجويزون حڪومت کي ڏنيون ويون آهن، ڪشمير ۾ جيڪا به تحريڪ ٿئي ڀارت ان کي دهشتگردي قرار ڏئي ڇڏيندو آهي، ڪشمير جو معاملو گڏيل قومن ۾ آهي ۽ اتان جي تحريڪ آزادي جي آهي، آمريڪي وفدن کي واضح ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ بنا فرق آپريشن ڪيا ويا آهن، اختلاف ٿي سگهن ٿا پر ان کي سول ملٽري لاڳاپن سان نه جوڙيو، سول ملٽري لاڳاپن ۾ ڪي اختلاف ناهن، اسان هڪ پيج تي آهيون، ڊان ليڪس انڪوائري رپورٽ منظر عام تي آڻڻ جو اختيار حڪومت جو آهي، ڊان ليڪس رپورٽ حڪومت کي کولڻي آهي، فوج کي نه، افغانستان سان ڳالهين ۾ ڀارت جو معاملو به غور هيٺ ايندو آهي، حقيقتون ڄاڻڻ عوام جو حق آهي، ڪشمير مسئلي تي گڏيل قومن جا ٺهراءَ موجود آهن، حقاني نيٽ ورڪ سميت سمورن دهشتگردن گروپن خلاف ڪارروائي ڪئي، پرڏيهي مداخلت جون سموريون شاهديون شيئر ڪيون وينديون آهن، جيڪو پاڪستان جو جهنڊو ساڙيندو آهي، ڇا اهو پاڪستاني آهي؟، پاڪستان جو جهنڊو ساڙيندڙ پاڪستاني ناهي، هن چيو ته سولين جنهن ماحول ۾ رهندا آهن، اتي سياست آهي ۽ الزام تراشي آهي، مان جنهن بيڪ گرائونڊ کان آهيان، مون کانسواءِ سڀ سويلين آهن، ريٽائرڊ ٿيڻ بعد مان به سويلين ٿي ويندس، سويلين ۽ ملٽري ۾ ڪو فرق ناهي، ٻئي هڪ آهن، پاڪستان ۾ سول ملٽري لاڳاپن ۾ ڪو مسئلو ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *