آبادگارن جي مفاد ۾ ڪڻڪ جو امدادي اگهه وڌايو: سنڌ حڪومت

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ ۾ آبادگارن کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪڻڪ جو امدادي اگهه وڌايو، اُميد آهي ته وفاقي سرڪار آبادگارن جي پريشانين کي نظر ۾ رکندي امداد اگهه کي بهتر ڪندي، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب وفاقي وزير شبلي فراز کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته ثابت ڪريو ته پاسڪو، ڪي پي ۽ پنجاب حڪومت طرفان ڪڻڪ ذخيري جو ٽارگيٽ پورو ڪيو ويو، ٽارگيٽ پورو ڪيو وڃي ها ته ڪڻڪ جو بحران پيدا نه ٿئي ها، رڳو سنڌ سرڪار ڪڻڪ ذخيري جو ٽارگيٽ پورو ڪيو آهي، ڪراچي ۾ وڻڪاري مهم کي خطاب دوران مرتضيٰ وهاب چيو ته نيب سنڌ ۾ ڇاپا هڻي سگهي ٿو ته ڪي پي ۾ به پُڇي وٺي ته بلين ٽري منصوبي ۾ وڻ ڪٿي لڳايا ويا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *