وزيراعظم پاران رمضان شريف دوران لوڊشيڊنگ گهـَٽ ڪرڻ، روزَي رکڻ ۽ کولڻ وقت بجلي بند نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف، رمضان شريف دوران لوڊشيڊنگ گهـَٽ ڪرڻ ۽ روزَي رکڻ، کولڻ وقت بجلي بند نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جِي توانائي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سڄي ملڪ اندر بجلي جي فراهمي بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم ميان نواز شريف هدايت ڪندَي چيو ته ڀلارَي مهيني دوران لوڊشيڊنگ گهٽ ڪئي وڃي. وزيراعظم اها پڻ هدايت ڪئي ته روزَي رکڻ ۽ کولڻ وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ هرگز نه ڪئي وڃي. ميان نواز شريف تراويح نماز جَي وقت به سڄي ملڪ اندر بجلي جِي فراهمي يقيني بڻائڻ جِي هدايت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *