سموريون بار ڪائونسل 21 هين ترميم خلاف آهن پر بنيادي حقن جا دليل الڳ معاملو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ ۾ سمورين بار ڪائونسلز فوجي عدالتن واري قانون جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن صدر آرمي ايڪٽ کان اڳ 21 هين ترميم جي منظوري ڏني ته پوءِ فوجي عدالتن واري قانون جو ڪو وجود ئي ناهي. چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني فل ڪورٽ بينچ 18 هين ۽ 21 هين ترميمن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران دليل ڏيندي سپريم ڪورٽ بار جي وڪيل عاصمه جهانگير چيو ته سپريم ڪورٽ 21 هين آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار نٿي ڏئي سگهي، پر  اعليٰ عدالت بنيادي حقن جي روشني ۾ انهيءَ ترميم جي تشريح ڪري سگهي ٿي. عاصمه جهانگير چيو ته 21  ترميم اچڻ کان ملڪ جي سموري قيادت ترميم منظور نه ڪرڻ جا بيان ڏنا پر آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل جي ٽوئيٽ کانپوءِ پارليامينٽ مان اها ترميم منظور ڪرائي وئي. سپريم ڪورٽ بار جـِي وڪيل چيو ته ، عدالت کي پارليامينٽ کان وڌيڪ اختيار نه آهن، جيڪڏهن  اعليٰ عدالت پارليامينٽ کي تابع ڪري ڇڏيو ته وڌيڪ خطرناڪ هوندو. عاصمه جهانگير جو اهو به چوڻ هو ته  سموريون بار ايسوسيئيشن متفق آهن ته فوجي عدالتون وارو فيصلو شفاف انصاف کان انڪار آهي، انهيءَ ڪري  هـُو فوجي عدالتن جي خلاف آهيون. چيف جسٽس ناصر الملڪ ريمارڪس ڏنا ته سموريون بار ڪائونسل 21 هين ترميم خلاف آهن پر بنيادي حقن جا دليل الڳ معاملو آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته ڏسڻو پوندو ته صدر 21 هين ترميم جي منظوري اڳ ۾ ڏني هئي يا آرمي ايڪٽ تي پهريان صحيح ڪئي هئي. جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن صدر 21 هين آئيني ترميم جي منظوري پهريان ڏني ته پوءِ فوجي عدالتن واري قانون جو وجود ئي نه آهي. جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن عدالت عتيقا اوڍو جهڙا ڪيس پاڻ ٻـــُڌي سگهي ٿي ته ڇا بنيادي حقن جي خلاف ڪنهن ترميم تي پاڻمرادو نوٽيس نٿو وٺي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *