الطاف حسين ۽ آصف زرداري وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو، اختلاف ختم ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ الطاف حسين وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو يو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاران پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم جي پڌرائي موجب الطاف حسين ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سمورا اختلاف ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. انهيءَ موقعي تي الطاف حسين جو چوڻ هو ته اسانجو جيئڻ مرڻ سنڌ ڌرتيسان آهي ملڪ کي هن وقت اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي، اسان کي اخوت، محبت ۽ ڀائيچاري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته آصف علي زرداري پاران سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي افطار پارٽي جي دعوت به ڏني آهي جنهن ۾ ملڪ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *