وزيراعظم فيس گهٽ ڪرڻ کان انڪار ڪندڙ نجي اسڪولز کي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف فيس گهٽ ڪرڻ کان انڪار ڪندڙ نجي اسڪولز کي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم نواز شريف نجي اسڪولز پاران فيسن ۾ گهٽتائي کان انڪار جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو آهي. وزيراعظم نواز شريف، فيس نه گهٽائيندڙ نجي اسڪولز کي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شاگردن جي والدين جي شڪايتن لاءِ سيل قائم ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نجي اسڪول جي انتظاميه شاگردن جي وارثن کي حراسان ڪري ته اهي ڪمپلين سيل ۾ شڪايت داخل ڪري سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *