آرمي چيف جي لنڊن ۾ برطانوي هٿياربند فوج جي سربراهه سان ملاقات

راولپنڊي (م.ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه  جنرل راحيل شريف برطانيا جي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران برطانوي ڊفينس فورسز جي چيف آف اسٽاف جنرل سر جان نڪولس رينالڊس سان ملاقات ڪئي. آئي ايس پي آر جي ڊائريڪٽجنرل طرفان جاري ڪيل ٽوئيٽ پيغام مطابق گڏجاڻي ۾ ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوج جي گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *