ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهه نٿو ڪريان پر پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺهڻ ضروري آهن: ارسا چيئرمين

اسلام آباد (بيورو) ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي ربيع ۾ صوبن کي پاڻي جي ورڇ 91 واري ٺاهه بدران 13 ٽو تحت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ارسا جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته خريف جي مند ۾ گهڻو پاڻي ضايع ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري صوبن کي ربيع ۾ 14 سيڪڙو کوٽ جي حساب سان پاڻي ڏنو ويندو. اسلام آباد ۾ چيئرمين رقيب خان جي صدارت هيٺ ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽن صوبن جي ميمبرز ۽ سنڌ جي ايڊيشنل سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ربيع ۾ صوبن کي پاڻي  جي ورڇ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ سميت مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ربيع لاءِ صوبن کي پاڻي 91 ٺاهه بدران تيرنهن ٽو معاهديتحت ڏنو ويندو. ارسا چيئرمين رقيب خان چيو ته پهرين اپريل کان 20 سيپٽمبر تائين 36 ايڪڙ ملين فٽ پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي ويو آهي، تنهن ڪري صوبن کي ربيع ۾ 14 سيڪڙو گهٽ پاڻي فراهم ڪيو ويندو. ارسا چيئرمين چيو ته ربيع ۾ سنڌ کي 12 ملين ايڪڙ فوٽ،پنجاب کي 17 ملين ايڪڙ فوٽ، بلوچستان کي هڪ ملين ايڪڙ فوٽ ۽ خيبرپختونخواهه کي زيرو ڏهائي 7 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي فراهم ڪيو ويندو. پنجاب جي ميمبر رائو ارشاد چيو ته رڳو هڪ ملين ايڪڙ فوٽ جي قيمت 60 ارب رپيا آهي، 36 ملين ايڪڙ فوٽ جي قيمت ڪيتري هوندي، ان جو  حساب لڳايو وڃي ته وڏو پاڻي ضايع ٿيو آهي. پنجاب جي ميمبر چيو ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم، ڀاشا، ۽ اکوڙي ڊيم ٺهن ها ته ايترو پاڻي ضايع نه ٿئي ها. ارسا چيئرمين چيو ته هو ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهه نٿو ڪري پر پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺهڻ ضروري آهن. اجلاس ۾ سنڌ جي ايڊيشنل سيڪريٽري پنجاب پاران چشما جهلم لنڪ ڪئنال ذريعي سنڌ جو پاڻي کڻڻ تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. سنڌ جي ميمبر چيو ته کين خاطري ڪرائي وڃي ته پنجاب چشما جهلم لنڪ ذريعي سنڌ جو پاڻي نه کڻندو، جنهن تي ارسا چيئرمين معاملو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ بلوچستان جي ميمبر وري سنڌ مٿان پاڻي چوري جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪيو، جنهن تي سنڌ جي ميمبر کيس خاطري ڪرائي ته گڏ ويهي معاملو حل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *