ڪراچي ۾ ڪچرو ٺڪاڻي لڳائڻ جي حوالي سان پاليسي واضح ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ڪچرو ٺڪاڻي لڳائڻ جي حوالي سان پاليسي واضح ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ملير جي رهائشي علائقن ۾ ڪچرو اُڇلڻ لاءِ ڊمپنگ پوائنٽ قائم ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. عدالت اسپتالن جي گند سوڌو ٻيو ڪچرو ٺڪاڻي لڳائڻ جي جي حوالي سان پاليسي واضح ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻيءَ دوران عدالت ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ کان وضاحت طلب ڪندي پُڇيو آهي ته ڪچري کي باهه ڏيڻ جي نتيجي ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار اثرن کان آبادين کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو؟ واضح رهي ته ملير جي ڄام جاکرو ڳوٺ جي رهواسين ڪچرو ڊمپنگ پوائنٽ قائم ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڊمپنگ پوائن تي ڪچرو رکڻ ۽ اُن کي باهه ڏيڻ سبب ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدبو ۽ بيماريون پکڙجي رهيون آهن. ٻڌڻيءَ دوران ڊي ايم سي ملير جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته صوبائي سرڪار ڪچرو ٺڪاڻي لڳائڻ جي حوالي سان پي سي ون تيار ڪري چڪي آهي، ڪچرو ٺڪاڻو لڳائڻ ۽ انهن لاءِ جاءِ طئه ڪرڻ جو اختيار ڊي ايم سيز وٽ نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *