وزيراعظم عمران خان به نتيجن لاءِ سٺين پِچن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ فيصلائتيون ميچون تڏهن ئي ٿينديون جڏهن پچون سٺيون هونديون.آسٽريلوي ميڊيا کي انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ سان پيار ڪندڙ قوم آهي پر دهشتگردي سبب ڪيترن ئي سالن کان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي ميزباني کان محروم آهي.هن چيو ته آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم ڪافي عرصي کان پاڪستان جي دوري جو انتظار ڪري رهي ھئي، آسٽريلوي ٽيم کي سيڪيورٽي ڏني پئي وڃي، اسان جي حڪومت ملڪ اندر سڪيورٽي جي صورتحال بهتر ڪئي آهي، پاڪستاني قوم آسٽريليا خلاف سيريز جو بي صبري سان انتظار ڪري رهي هئي ۽ رانديگر جو اصل امتحان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هوندو آهي.پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽيسٽ سيريز ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم وڃڻ بابت سوال تي عمران خان چيو ته سياسي مصروفيتن سبب مون وٽ ڪرڪيٽ ڏسڻ جو وقت ناهي پر اخبار ۾ شيون پڙهندو آهيان.قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ فيصلائتي ميچ تڏهن ئي ٿيندي جڏهن پچ سٺي هوندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *