سپريم ڪورٽ پاران هنگامي حالت کانسواءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي قرار

اسلام آباد(م.ڊ) آرڊيننس جاري ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جو تاريخي فيصلو، عدلت هنگامي حالت کانسواءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ کي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو ته آئيني شرطن کانسواءِ صدر ۽ گورنر آرڊيننس لاڳو نٿا ڪري سگهن. جسٽس فائز عيسيٰ 30 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو، فيصلي موجب آئين جي هر لفظ تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي، آرڊيننس جاري ڪرڻ جو طريقو آئين ۾ ڏنل آهي، ايمرجنسي کانسواءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، فيصلي موجب آئيني شرطن کانسواءِ صدر ۽ گورنر آرڊيننس لاڳو نٿا ڪري سگهن. آرڊيننس جو مدو ڪجهه مهينن ۾ ختم ٿي ويندو آهي، آرڊيننس کي ڊگهي مدي وارا حق ۽ ذميواريون ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جمهوريت ۾ عوام پنهنجي خيالن جو اظهار چونڊيل نمائندن ذريعي ڪندو آهي، قانون سازي جي عمل ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته عوام جي حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي، فيصلي موجب انڪم سپورٽ ليوي ايڪٽ 2013ع سينيٽ مان منظور نه ڪيو ويو آهي، عوامي نمائندن پاران قانون سازي آئيني تقاضا آهي، ملڪ ۾ نمائنده جمهوريت ئي عوام جي اتحاد ۽ ڀائيچاري کي جنم ڏئي ٿي، پارليامينٽ ذريعي قانون سازي عوام ۽ وفاق کي مضبوط ڪري ٿي، آئين جي ڀڃڪڙي عوام جي بي عزتي آهي. سپريم ڪورٽ انڪم سپورٽ ليوي 2013 لاءِ ڪمشنر انلينڊ روينيو پاران داخل درخواستون رد ڪري ڇڏيون

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *