پاڪستان ۾ بولڊ سين نٿا ڪري سگهون، ٻيهر ڀارت وينديس: صبا قبر

ڪراچي (شوبز نيوز) ناليواري اداڪارا صبا قمر چيو آهي ته جيتوڻيڪ پاڪستاني انٽرنيٽ مواد ماضي جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿيو آهي پر پاڪستان ۾ پابنديون لاڳو آهن ۽ هتي بولڊ سين نٿا ڪري سگهجن.هڪ انٽرويو ۾ صبا قمر ڀارتي فلمن ۽ ڊرامن جي تعريف ڪئي، هن ٻيهر ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته خدا چاهيو ته ٻيهر بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ وينديس.اداڪارا عرفان خان سان فلم ”هندي ميڊيم“ ۾ ڪم ڪرڻ کي پنهنجي لاءِ اعزاز قرار ڏيندي چيو ته جڏهن فلم جي تعريف وديا بالن ڪئي ته مان پاڻ کي اڏامندي محسوس ڪيو.صبا قمر موجب هندي ميڊيم ۾ ڪم جي ڪري کيس فلم فيئر ايوارڊ لاءِ ڪنگنا رناوت، وديا بالن، سري ديوي ۽ عاليا ڀٽ سان نامزد ڪيو ويو ۽ هوءَ انهن سمورين اداڪارائن جا ٿورا مڃڻ چاهي ٿي.هن پاڪستاني ۽ ڀارتي مواد جي ڀيٽ تي اعتراف ڪيو ته ڀارتي مواد بهتر آهي ۽ اتي هاڻي اوهان ڪردارن کي حقيقي روپ ڏئي رهيا آهيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ اڃا اهڙو مواد تيار ناهي ٿي رهيو.صبا قمر موجب پاڪستان ۾ پابنديون آهن، اتي بولڊ سين نٿا ڪري سگهجن پر پاڪستان ۾ بولڊ موضوعن تي ڳالهائڻ شروع ٿي ويو آهي، جنهن مان ماڻهو گهڻو سکي رهيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *