وزيراعظم سينيٽ چيئرمين لاءِ رضا رباني جي حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سينيٽ چيئرمين لاءِ اپوزيشن جي گڏيل اميدوار رضا رباني جي حمايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته حڪومت چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي عهدن لاءِ پنهنجا اميدوار نه ٿي آڻڻ چاهي، کين اپوزيشن طرفان نامزد ڪيل اميدوار تي ڪو به اعتراض ناهي. وزيراعظم نواز شريف، پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ سياسي جماعتن جي اڳواڻن جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف مخالف ڌر طرفان سينيٽ جي چيئرمين طور نامزد ڪيل اميدوار رضا رباني جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته ن ليگ سينيٽ چيئرمين توڙي ڊپٽي چيئرمين لاءِ پنهنجا اميدوار نه بيهاريندي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اپوزيشن طرفان رضا رباني کي سينيٽ چيئرمين نامزد ڪيو ويو آهي جنهن تي کين ڪو به اعتراض ناهي، پر هــُو چاهين ٿا ته سمورين جماعتن جي اتفاق راءِ سان چيئرمين نامزد ڪيو وڃي. نواز شريف چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ پئسي جي راند ختم ٿيڻ گهـُرجي،پئسا ڏئي سينيٽر چونڊجڻ افسوسناڪ آهن ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ماضي جي اڻوڻندڙ روايت کي ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم ان موقعي تي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ کي ڏوراپو ڏنو ته کين گذريل ڏينهن مانيءَ تي نه گهرايو ويو، ساڻن به صلاح مشورو ڪيو وڃي ها. وزيراعظم پاران ڏنل مانجهاندي واري دعوت ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف، جــَي يــُو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، ايم ڪيو ايم طرفان فاروق ستار، رئوف صديقي ۽ خالد مقبول صديقي شرڪت ڪئي. پختون خواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي، حاصل بزنجو، غلام احمد بلور، خواجا سعد رفيق، اسحاق ڊار، مولانا عبدالغفور حيدري ۽ مظفر علي شاهه سميت ٻيا اڳواڻ به شريڪ ٿيا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ اتحادي جماعتن جي اجلاس دوران سينيٽ چيئرمين جي عهدي لاءِ رضا رباني کي نامزد ڪيو ويو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *