پنجاب، سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊن جو شيڊول جاري

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن پنجاب، سنڌ ۽  اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو بلدياتي چونڊن لاءِ پنجاب، سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ 20 سيپمٽبر تي پولنگ ٿيندي جنهن لاءِ 8 کان 10 جون تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهبا جڏهن ته 23 آگسٽ تي دستبرداري  24 آگسٽ تي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي، اليڪشن ڪميشن مطابق بلدياتي چونڊن لاءِ اميدوارن جا ڪاغذن جي جاچ 15 کان 20 جون وچ ۾ ٿيندي ۽ اميدوارن خلاف داخل ٿيندڙ اپيلون 24 تي داخل ٿي سگهنديون جڏهن ته 21 آگسٽ تائين اپيلون حل ڪيون وينديون. سپريم ڪورٽ، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون 20 سيپٽمبر 2015 ۽ اسلام آباد ۾ 25 جولاءِ تي چونڊون ڪرائڻ بابت اليڪشن ڪميشن جو شيڊول منظور ڪري ورتو آهي، سپريم ڪورٽ، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون 20 سيپٽمبر 2015 ۽ اسلام آباد ۾ 25 جولاءِ تي چونڊون ڪرائڻ بابت اليڪشن ڪميشن جو شيڊول منظور ڪري ورتو آهي، عدالت، ڇانوڻي بورڊ ۾ چونڊون 25 اپريل ۽ ڪي پي ڪي ۾ 30 مئي تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ وارو حڪم برقرار رکندي چيو آهي ته جيڪڏهن هن ڀيري ڪن لاٽار ڪئي وئي ته ڀڃڪڙي ڪندڙ سخت نتيجن لاءِ تيار رهن. جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ مڪاني چونڊن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران اليڪشن ڪميشن جي وقتي سيڪريٽري عدالت جي حڪم تي سنڌ پنجاب، خيبرپختونخواهه، اسلام آباد ۽ ڇانوڻي بورڊ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ لکت ۾ شيڊول پيش ڪيو. اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون 20 سيپٽمبر 2015 تي ڪرايون وينديون، جڏهن ته اسلام آباد ۾ چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ 25 جولاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. شيڊول موجب عدالتي حڪمن تحت ڇانوڻي بورڊ ۾ مڪاني چونڊ هلندڙ سال 25 اپريل ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 30 مئي تي 2015 تي ڪرايون وينديون. عدالت، اليڪشن ڪميشن پاران پيش ڪيل شيڊول منظور ڪندي حڪم ڏنو ته شيڊول ۾ ڏنل تاريخن تي هر صورت ۾ عمل ڪيو وڃي، ڪنهن به قسم جي ڪن لاٽار برداشت نه ڪئي ويندي. جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هن ڀيري عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو ته حڪومتون سخت نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهن، مڪاني چونڊون آئيني گهرج آهي، حڪمن تي هر صورت ۾ عمل ٿيڻ گهرجي.  ٻڌڻيءَ جي موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي آگاهي ڏني ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پنجاب اندر ٻوڏ جو خدشو آهي، تنهن ڪري مڪاني چونڊن وارو عمل سخت متاثر ٿي سگهي ٿو. جسٽس جواد ايس خواجه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان اهڙا بهانا بڻائي چونڊون ملتوي نٿا ڪرائي سگهو، جيڪڏهن شيڊول بابت ڪو اعتراض آهي ته لکت ۾ عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي. سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن کي شيڊول تي سختيءَ سان عملدرآمد جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *