فشر فوڪ فورم اڳواڻ طاهره شاه جو افسوسناڪ وڇوڙو…!!! ؛ممتاز علي ملاح

ان وقت ڏکوئيندڙ خبر ملي جنهن وقت پاڪستان فشر فوڪ فورم چيئرمين محمد علي شاه سجاول ويجهو ٻڍو ٽالپر وٽ روڊ حادثي سبب سندس گاڏي پاڻي جي اونهي کاهي ۾ ڪري پوڻ وارو واقعو پيش آيو     جنهن ۾ فشر فوڪ فورم جي چيئر مين  محمد علي شاه، طاهره شاه ، عورت اڳواڻ زليخان ۽ سندس
ڊائيور رزاق بروهي پڻ سخت زخمي ٿي پيا . پر زخمن جا تاب نه سهندي فشر فوڪ فورم وائيس چيئر پرسن سيدهه طاهرهه شاه فوت ٿي وئي.

اهڙي درد ناڪ خبر حقيقت ۾ ان بي پهچ مظلوم ۽ بااثرن جي ظلم جا ستايل ۽ پنهنجن  حقن کان محروم ماهيگيرن جي دلين مان پڻ آنهون ۽ دانهون نڪتيون هونديون  ۽ مياڻين جي ڪکاون جھوپڙين کي ان وقت لوڏو ضرور آيو هوندو ،

جنهن سورهه عورت اڳواڻ هميشه پنهنجي ور محمد علي شاه سان گڏ ماهيگيرن جي هر مسئلي تي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جهدوجهد ڪندي نظر آئي آهي،

ملڪ ۾ پاڻي جهڙو انيڪ مسئلو ، آبي جيوت ،  ٻيلن جي تباه ڪاري خلاف ، سماج جي حقوق ۽ خاص طور تي ماهيگيرن سان ناانصافين ٿيڻ ، بااثر ڌورين جي ظلم خلاف مظلوم ماهيگيرن سان گڏ سندن جي حقن خاطر ڪراچي جي ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ سميت اندروني  سنڌ جي بدين ، سانگهڙ ، ڄامشورو ، ۽ ٻين ضلعن ۾ رهندڙ ملاحن جي جائز مسئلن لاءٌ سيمينارن ،   تقريبن  ۽ احتجاجي مظاهرن ۾ هر هنڌ پنهنجي ور پاڪستان فشر فوڪ فورم  چيئرمين محمد علي شاه سان سماجي خدمتن ۾ هميشه گڏ رهي آهي …….

فشرفوڪ فورم عورت اڳواڻ سيده طاهره شاه ڏيهه توڙي پر ڏيهه ۾  هميشه سماجي خدمتن کي ترجيح ڏني . سندس سموري  زندگي عوامي خدمتن ۽ مظلومن جي حقن لاء وقف رهي . بدين ۾ ملاحن جي هڪ احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاء بدين ويندي . روڊ حادثي جي شڪار سبب  سيده طاهره شاه جو ڏکوئيندڙ واقعو پوري  ڌرتي تي رهندڙ سماج سڌارڪ، سياسي ، سماجي ، ادبي  سميت   زندگي جي هر فڪر کي پڻ واقعي بابت ڏک پهتو آهي . پر دلي صدمو ته انهن مظلومن کي ٿيو هوندو جنهن جي حقن تي ڌاڙن ۽ ظلمن خلاف جن احتجاجي ريلي جو سڏ ڏنو هيو. جنهن احتجاجي ريلي ڏانهن وائيس چيئر پرسن طاهره شاه رواني ٿي چڪي هئي .

سڄِي ڄمار پاڻي جي مسئلن  تي جدو جهد  ڪندڙ ماهيگير عورت اڳواڻ پاڻي ۾  دم ڌڻي حوالي ٿيڻ سان وفاداري جو هڪ پڪو ثبوت ملي ٿو …..!!

سنڌ ڌرتي جي دريائي، ٻيٽن ، سمنڊري ڪنارن ، مياڻين ، ڍنڍن ۽ ڍورن تي رهندڙن ملاحن ( ماهيگيرن) پڻ اهڙي افسوسناڪ حادثي تي ڏک جو اظهار ڪرڻ سان گڏ سندس لاء فاتحاخواني  ۽ دعائون گهريو پيون وڄن.

سماج ۽ ماهيگيرن جي خدمتن جا ايوارڊ حاصل ڪندڙ فشر فوڪ فورم عورت اڳواڻ طاهره شاه جو خال صدين تائين ڀرجڻ مهال ٿيندو  ،،بهادر عورت جي وڇوڙي تي پوري سنڌ ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي ۽ سندس ور محمد علي شاه جي ماهيگري خدمتن واري رستي ۾  رنڊڪ ضرور محسوس ٿي هوندي پر ڌڻي کان دعا آهي ته سماجي خدمت ڏانهن کيل قدمن ۽ طاهره شاه جي رهجي ويل سماجي خواب کي مڪمل ڪرڻ لاءٌ الله پاڪ  فشر فوڪ فورم چيئر مين محمد علي شاه کي بلند حوصلو عطا فرمائي ………. ( آمين)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *