وزيراعظم سان آرمي چيف جي ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم نواز شريف آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ملڪ ۾ اندروني ۽ بيروني صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪيو،  ملاقات ۾ ڀارت جي بچاءِ واري وزير منوهر پاريڪر  پاران دهشتگردي تي ڏنل بيان  تي پڻ ڳالهايو، آرمي چيف ۽ وزير اعظم جي ملاقات ۾ ڪراچي آپريشن ۽ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي پڻ ڳالهايو. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف ڊسڪا واقعي جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. وزيراعظم صوبائي عملدارن کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿن ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *