سيالڪوٽ ۾ ايس ايڇ او جي فائرنگ ڪري بار صدر سميت 2 وڪيل ماري ڇڏيا رينجرز طلب

سيالڪوٽ (م.ڊ) سيالڪوٽ جي تعلقي ڊسڪا جي اسٽيشن هائوس آفيسر ( ايس ايڇ او)  شهزاد وڙائچ سان گڏ ميونسپل ايڊمنسٽريشن ( ٽي ايم او) طرفان حد دخلين خلاف آپريشن ڪيو جنهن تي علائقي واسين ۽ وڪيلن احتجاج ڪيو  ۽ مطالبو ڪيو ته ڪجهه ڏينهن ڏنا وڃن جنهن کان پوءِ حد دخليون هٽايون وڃن. مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ايس ايڇ او فائرنگ ڪري ڏني  جنهن ۾ صدر بار ايسوسيئيشن جو صدر راڻا خالد جان سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال نيو INP 25-14ويو  جنهن دوران صدر بار ايسوسيئيشن جو صدر راڻا خالد جان ۽ هڪ ٻئي وڪيل زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.  وڪيلن تي فائرنگ ڪندڙ ايس ايڇ او کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.سيالڪوٽ جي علائقي ڊسڪا ۾ ايس ايڇ جي فائرنگ ۾ وڪيلن جي مارجڻ کان پوءِ وڪيل سراپا احتجاج اسپتال ۾ هنگاما آرائي، وڪيلن اسپتال ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪري درين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، روڊن تي نڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو ويو جنهن تي پوليس وڪيلن  کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ لاءِ آنسو گئس جو استعمال ڪيو، جنهن سبب ڊسڪا وارو علائقو ميدان جنگ بنجي ويو.  سيالڪوٽ ۾ به  وڪيلن احتجاج ڪندي ٿاڻي جو گهيراءُ ڪري پوليس جي گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. ائين ئي لاهور ۾ به وڪيل مال روڊ تي نڪري آيا ۽ پنجاب اسيمبلي جو گهيراءُ ڪيو  جنهن دوران اسيمبلي ۾ موجود ميمبرن ۽ عملي کي ٻئي دروازي کان ٻاهر ڪڍيو ويو.  ملتان جي ڪچهري  چوڪ تي پڻ وڪيلن احتجاج ڪيو  ۽ روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٽرئفڪ جام ٿي وئي، وڪيلن پوليس اهلڪارن کي ڌڪا ڏئي ڀڄايو  ۽ سندن گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا.ٻئي طرف چيف جسٽس لاهور هائي ڪورٽ جسٽس منظور ملڪ ڊسڪا واقعي جو نوٽيس وٺندي، فوري طور تي رينجرز  طلب ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو . ڊي پي او سيالڪوٽ ڊاڪٽر آصف شهزاد چيو ته وڪيل تعلقه ميونسپل  ايڊمنسٽريشن جي آفيس ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪئي جنهن تي  پوليس کين روڪڻ لاءِ فائرنگ ڪئي جنهن ڪري معاملو سنگين ٿي ويو، جڏهن ته وڪيلن تي فائرنگ ڪندڙ ايس ايڇ او کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ڊسڪا ۾ ٻن وڪيلن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ  گوجرانوالا ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن اڄ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڪيلن جي مارجي وڃڻ ڪري ملتان بار ايسوسيئيشن به اڄ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته  اسلام آباد بار ايسوسيئيشن به اڄ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *