سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ اي ڊي آءِ جي کي ڪم کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽآف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻه ڏينهن اڳ عدالت جي احاطي ۾ نقاب پوش پوليس اهلڪارن جي هٿان صحافين تي تشدد  تي ڪراچي پوليس چيف قادر ٿيٻو ۽ ڊي آءِ جي ڪراچي کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد علي شاهه ذوالفقار مرزا جي سيڪيورٽي ۽ توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي جو چوڻ هو ته امن امان جي صورتحال حال خراب آهي، دهشتگرد ڪارروايون ڪري رهيا آهن. عدالت جي احاطي اندر  جن پوليس اهلڪارن صحافين ۽ سيڪيورٽي گارڊن تي تشدد ڪيو انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. جج آءِ جي سنڌ کي چيو ته ڇا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حملو ٿيو ته  ڇا فوج کي گهرائڻو پوندو. ذوالفقار سان گڏ جيڪي دهشتگرد آيا هئا. انهن ڪيتريون گوليون هلايون. عدالت جي اڳيان صحافين تي تشدد ٿيو ۽ توهان ستا پيا هئا. توهان ته فون کڻڻ به ضروري نه سمجهيو، ان کان پهرين به انهن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا. اسان کي اهڙو آءِ جي نه کپي، جيڪو عدالتن جي حفاظت نه ڪري سگهي. آءِ جي سنڌ حلف نامو جمع ڪرائي ته جيڪي به فوٽيج ۾ نظر ايندڙ سڀني اهلڪارن جا نالا عدالت کي پيش ڪيا ويندا. عدالت ايڊيشنل آءِ جي، ڊي آءِ جي اتر ۽ ايس ايس پي اتر کي آئنده حڪامات تائين ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي اڱاري تائين ملتوي ڪئي وئي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *