وزيراعظم خانڳڙهه پهتو، علي محمد مهر جي پوئنرن سان تعزيت

خانپور مهر (م.ڊ) وزيراعظم عمران خان خانڳڙهه پهچي مرحوم علي محمد مهر جي پونيئرن سان تعزيت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان ڪابينا جي ميمبرز ۽ اتحادي اڳواڻن سان گڏ گهوٽڪي جي دوري تي خانڳڙهه پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان وفاقي وزير علي محمد مهر جي لاڏاڻي تي پونيئرن سان تعزيت ڪئي. اُن موقعي تي علي گوهر مهر ۽ ٻيا موجود هئا. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان گڏ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، محمد ميان سومرو، ڊاڪٽر فهميده مرزا، غوث بخش مهر ۽ ٻيا به موجود هئا. اُن موقعي تي اين اي 205 تي پ پ مخالف اُميدوار ۽ مرحوم علي محمد مهر جو پُٽ احمد علي مهر به موجود هو. وزيراعظم عمران خان مانجهاندي ۾ به شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *